ادبي ميلن ۾ خالي ڪرسين عوام جي ذھنن کي سوالن سان ڀري ڇڏيو

فہرستِ مضامین

پاڪستان اندر ادبي ميلن ۾ خالي ڪرسين عوام جي ذھنن کي سوالن سان ڀري ڇڏيو آھي، ايس اَيل ايف کانپوءِ ڪَي ايل ايف بحث جو موضوع بڻيل آھي.
ادبي ميلن بابت بحث ڪي ايل ايف ۾ ٻڌندڙن جَي اڻهوند مان جنم ورتو، ھيءَ فيسٽيول پاڪستان ۾ ادبي ميلن جو باني ۽ سڀ کان وڏو ميلو سمجھيو ويندو آھي.
ادبي سيشنن دوران ڪرسين جي خالي هجڻ جون تصويرون عالمي اردو ڪانفرنس جون به سامھون آيون ۽ ايڇ ايل ايف جا ساڳيا منظر ھئا پر انتظاميہ موسيقيءَ جي حصي جون تصويرون شيئر ڪري، معاملي کي لئي مٽي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي.
سوشل ميڊيا تي صارف سوال پيا ڪن تہ ادبي ميلي ۾ ادبي سيشن ويران هجن ته ان کي ادبي ميلو ڪيئن ٿو ڪوٺي سگهجي؟.
ڪي صارف ميلن جي افتتاحي توڙي پڄاڻي واري سيشننز ۾ وزيرن، سياستدانن، بيورو ڪريٽس ۽ بلڊرز جي موجودگي کي ناڪامي جو سڀ کان وڏو ڪارڻ قرار ڏين ٿا.
ادبي ميلن ۾ اديبن کي نو لفٽ؟
ڪي سمجھن ٿا تہ ادبي ميلن ۾ اديب آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ھوندا آھن باقي ڏيکاءُ توڙي بجيٽ وڌائڻ خاطر غير لاڳاپيل ماڻھن کي گھرائي تقريرون ڪرايون وينديون آھن.
اسحاق سميجو نالي صارف لکيو تہ جن ميلن ۾ تِر ڇَٽڻ جي جاءِ به نه هوندي هئي، انهن ۾ پھرين يونيورسٽين، پوءِ ڪاليجن ۽ هاڻ اسڪولن جي ٻارن جون بسون ڀرائي، ٻڌندڙن جي ڪمي پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
جن ميلن ۾ اديبن جي ئي دلچسپي نه هجي، انهن ۾ ٻارن جي ڪھڙي هوندي؟،
هلندڙ سال عالمي اردو ڪانفرنس جي اسٽيج تي 15 مهمان ھئا ۽ ٻڌندڙ رڳو 10ڄڻا، هڪ اهڙو ادارو، جنهن کي سرڪار سٺ ڪروڙ سال ۾ ڏئي ٿي ۽ اڃا ان کي نوان 15 ڪروڙ ڏيڻ جي سمري سفر ۾ آهي.
اصغر سومرو ۽ ٻين صارفن ادبي ميلن ۾ آڊيئنس جي غير حاضري کي ناقص پاليسين، نوان کان لاتعلقي ۽ مداخلت قرار ڏنو آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں