لاھور: ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان پاران ڀارت خلاف ميچ جي بائيڪاٽ واري معاملي تي آءِ سي سي وفد ڪجھ ڪلاڪن ۾ پاڪستان پھچي رھيو آھي.
ذريعن وفد آءِ سي سي جي ڊپٽي چيئرمين جي سربراھي ۾ لاھور پھچي رھيو آھي، آءِ سي سي وفد ۽ بي سي بي وفد جي پھچڻ بعد انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جو اھم اجلاس ٿيندو.
ذريعن جو چوڻ آھي تہ اجلاس ۾ پاڪستان جي بائيڪاٽ کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال تي ڳالھيون ٿينديون، بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جو صدر امين الاسلام بہ لاھور پھتل آھي..
ذريعن جو چوڻ آھي تہ آءِ سي سي وفد ۽ بي سي بي صدر اجلاس بعد اڄ ئي واپس ھليا ويندا، وفد ساڍي چار وڳي ڪولمبو کان لاھور پھچندو.
ياد رھي تہ پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪرڻ پر ڀارت خلاف ميچ نہ کيڏڻ جو اعلان ڪيو آھي.