ڪشميرين سان ٻڌي جو ڏھاڙو، ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ريليون

فہرستِ مضامین

پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ ڪشميرين سان يڪجھتي جو ڏھاڙو ملھايو پيو وڃي، ان سلسلي ۾  ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ريليون ڪڍي ڀارت خلاف نعريبازي ڪئي وئي.

ڪراچي ۾ وڏي وزير مراد علي شاھ جي قيادت ۾ پيپلز سيڪريٽريٽ کان مزار قائد تائين ريلي ڪڍي وئي.

حيدرآباد، سکر، نوابشاھ، لاڙڪاڻو ۽ميرپورخاص جي ننڍن وڏن شھرن ۾ بہ ريليون ڪڍي ڪشميرين سان يڪجھتي جو اظھار ڪيو ويو.

نوشھرو فيروز،دادو،  قمبر،  ميھڙ، سيٺارجا، ڳڙھي خيرو، ڪشمور، ميرپور ماٿيلو، جوھي ۽ ٻين علائقن ۾ بہ ريليون نڪتيون.

اڳواڻن جو چوڻ آھي تہ ڀارتي حڪومت ڪشميرين سان مسلسل ظم ڪري رھي آھي، دنيا ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلم جو نوٽيس وٺي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں