ڪراچي: فائر سيفٽي جي ڀڃڪڙي تي صدر ۾ 200 کان وڌيڪ دڪان سيل

فہرستِ مضامین

ڪراچي: فائر سيفٽي جي ڀڃڪڙي تي صدر جون 2 مارڪيٽون سِيل ڪيون ويون.

ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ جاويد نبي کوسو موجب صدر ۾ سيل ڪيل ٻنھي مارڪيٽن ۾ 200 کان وڌيڪ دڪان آھن، جڏھن تہ مارڪيٽن ۾ باھ وسائڻ جا انتظام موجود نہ ھئا، انتظام مڪمل ٿيڻ تائين اھي مارڪيٽون سيل رھنديون.

ڊي سي ڏکڻ جو چوڻ آھي تہ ٻنهي مارڪيٽن کي اڳ ۾ ئي نوٽيس جاري ڪيا ويا هئا، جڏھن تہ ضلعي ڏکڻ جي سمورين مارڪيٽن جو سروي جاري آهي.

ھن چيو تہ فائر سيفٽي انتظام نہ هئڻ جي صورت ۾ وارننگ ڏيڻ کانپوءِ مارڪيٽن کي سيل ڪيو ويندو.

ياد رھي تہ گل پلازا ۾ باهہ لڳڻ واري واقعي کانپوءِ وڏي وزير ڪراچي جي سڀني وڏين مارڪيٽن ۾ فائر سيفٽي انتظامن جو سروي فوري طور مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو۔….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں