دادو: نادر جمالي معاملو، وارثن پاران ڪيس ھيٺين عدالت منتقل ڪرڻ جي استدعا

فہرستِ مضامین

دادو ۾ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل نادر جمالي ڪيس ۾ وارثن پاران ڪيس هيٺين عدالت منتقل ڪرڻ جي استدعا ڪري ڇڏي آھي، جنهن تي سيشن ڪورٽ ٻڌڻي 17 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي۔

سيشن ڪورٽ ۾ وارثن جي درخواست تي ٿيل ٻڌڻي دوران ايس ايس پي دادو، امير سعود مگسي، ڊي ايس پي سلطان چانڊيو، انسپيڪٽر بينظير جمالي، خليل مسڻ، شاهد پنھور سميت ٻيا اھلڪار ۽ نادر جمالي جا وارث وڪيل پيش ٿيا.

ٻڌڻي دوران نادر جمالي جي وارثن جي وڪيل عدالت آڏو استدعا ڪئي تہ ڪيس کي هيٺين عدالت ڏانهن منتقل ڪيو وڃي، ان موقعي تي سيشن جج وارثن کي هدايت ڪئي تہ اهڙي درخواست لکت ۾ جمع ڪرائي وڃي۔

نادر جمالي ڪيس جي وڪيل انسپيڪٽر قربان جي بيان کانپوءِ ججز جو ذڪر ڪندي عدالت کي مخاطب ٿيندي چيو تہ اوھان عدالتي عملي جا انچارج آهيو، تنهنڪري واضح ڪيو وڃي تہ هي ڪيس ڪهڙي هيٺين جج ڏانهن موڪليو وڃي۔

عدالت ڪيس منتقل ڪرڻ بابت لکت ۾ درخواست جمع ڪرائڻ جي هدايت جاري ڪندي وڌيڪ ٻڌڻي 17 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي۔….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں