ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ گذريل ڏينھن ڪراچي ۾ ٿيل جماعت اسلامي جي احتجاج تي ردعمل ڏيندي چيو تہ ھي قابض ٽولو چوي ٿو تہ ھو عوام جي ووٽن سان آيو آھي، شھر جي وڏي شاھراھن تي ڌرڻن ۽ احتجاج ڪرڻ جي اجازت نہ ڏينداسين.
ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته حيرت جھڙي ڳالھ آھي جو گل پلازا سانحي تي سياست ڪئي پئي وڃي، اعتراض انهن تي آهي جيڪي هن سانحي کي سياست لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن، حڪومت سانحي ۾ متاثر ٿيل خاندانن سان گڏ بيٺل آهي.
هن چيو تہ سانحي کانپوءِ سنڌ حڪومت متاثر ماڻهن جي وارثن لاءِ ھڪ ھڪ ڪروڙ رپين جو اعلان ڪيو، 26 گھرن ۾ وڃي متاثرن کي چيڪ ڏنا پر ميڊيا کي ساڻ نہ وٺي وياسين.
جماعت اسلامي جي گذريل ڏينهن واري ڌرڻي ۽ حافظ نعيم جي سنڌ حڪومت تي تنقيد بابت سوال تي مراد علي شاهه چيو ته ھي قابض ٽولو چوي ٿو تہ عوام جي ووٽن سان آيو آھي، عوام پيپلزپارٽي تي اعتماد ڪيو، حافظ نعيم الرحمان کي چوان ٿو ته صوبائي اسيمبلي ۾ اچي يا پنهنجي سيٽ خالي ڪري.
مراد علي شاهه چيو تہ گذريل ڏينھن 3 کان 4 ڪلاڪ شاھراھ فيصل بند رھيو، روڊ بلاڪ ھجڻ سان عوام ڏکيائين کي منھن ڏئي ٿو، اسان وڏي شاھراھن تي ڌرڻن ۽ احتجاج خلاف سختي ڪنداسين.
هن چيو ته مون به حافظ نعيم الرحمان جو ڌرڻو ھڻڻ بابت بيان ٻڌو آهي، حافظ نعيم الرحمان کي سنڌ اسيمبلي جي سيٽ ملي آهي، ھو پنھنجي تڪ جي عوام جو خيال رکي، يا وري سيٽ خالي ڪري تہ جئين تق جو عوام نمائندگي کان محروم نہ رھي……