ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 لاءِ پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي نئين ڪِٽ جي رونمائي ملتوي ڪئي وئي آهي.
اڄ آسٽريليا خلاف ٻئي ٽي ٽوئنٽي ميچ جي ٽاس کانپوءِ ڪِٽ جي رونمائي ٿيڻي ھئي، پر پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊان کي ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
پي سي بي ذريعن موجب ڪجھ اڻٽر سبب جي ڪري ڪِٽ جي رونمائي ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت جي حوالي سان پي سي بي جو حفتي فيصلو سومر تي اچڻ جو امڪان آھي.
ياد رھي تہ آءِ سي سي پاران بنگلاديش کي ورلڊ ڪپ مان ڪڍڻ بعد پي سي بي سخت ردعمل ظاهر ڪيو هو ۽ ان فيصلي کي ٻٽو معيار قرار ڏنو هو.
پي سي بي چيئرمين محسن نقوي ڪجهہ ڏينهن اڳ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات کانپوءِ چيو هو تہ ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت بابت حتمي فيصلو جمعي يا سومر تي ڪيو ويندو.
واضح رھي تہ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي باقاعدہ شروعات 7 فيبروري کان ٿيندي، جڏھن تہ پاڪستاني ٽيم پنھنجي پھرين ميچ 7 فيبروري تي نيڌرلينڊز خلاف کيڏندي…..