موھن جي دڙي جي حفاظت لاءِ شھر کي ڀت ڏنل ھئي: برطانوي ماھرن جي دريافت

فہرستِ مضامین

ڪراچي: سنڌ جي قديم ماڳ موھن جو دڙو تي کوڏائي دوران اھم اڳڀرائي سامھون آئي آھي، ماهرن کوڏائي دوران شهر جي حفاظت لاءِ ٺهيل ڀت دريافت ڪئي، جنهن ۾ مرڪزي شهر جي چوڌاري ڪچي سرن سان ٺهيل حفاظتي ڀت شامل آهي۔

موھن جو دڙو تي پاڪستان-آمريڪا گڏيل آثار قديمي مشن تحت کوڏائي جو ڪم جاري آهي، جڏھن تہ 1950 ۽ 51 ۾ برطانوي ماهرن پنهنجي جاچ ۾ ان کي ڪچي سرن جي بنياد قرار ڏنو هو، پر نئين کوڏائي ۽ زميني تھن جي شاھدن مان ماهرن ان کي شهر جي حفاظتي ڀت قرار ڏنو آهي۔

ماهرن موجب اها ڀت واپار کي منظم ڪرڻ ۽ آمد و رفت تي ڪنٽرول رکڻ لاءِ ٺهيل هئي۔

ڀت دريافت ٿيڻ تي ثقافت کاتي واري صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ ماھرن کي واڌايون ڏنيون آھن.

ذوالفقار علي شاهه چيو تہ اها دريافت سنڌ جي تاريخي ورثي جي عالمي اهميت کي وڌيڪ اجاگر ڪري ٿي ۽ دريافت سان تحقيقي ۽ سياحتي سرگرمين کي ھٿي ملندي……..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں