سنڌ جي گهرو کاتي ايم ڪيو ايم اڳواڻن کي سيڪيورٽي واپس ڪري ڇڏي آهي۔
ذريعن موجب خالد مقبول صديقي، مصطفىٰ ڪمال، فاروق ستار ۽ انيس قائمخاني جي سيڪيورٽي واپس ڪئي وئي آهي۔
سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار، ايم ڪيو ايم اڳواڻن کان سيڪيورٽي واپس وٺڻ بابت خبرن کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو تہ ايم ڪيو ايم اڳواڻن کان سيڪيورٽي واپس وٺڻ جو ڪو بہ فيصلو ناهي ڪيو ويو۔
هن وضاحت ڪئي تہ مصطفىٰ ڪمال ۽ خالد مقبول صديقي هن وقت اسلام آباد ۾ موجود آهن، جڏھن تہ ڪنهن بہ سياسي شخصيت کان سيڪيورٽي واپس وٺڻ بابت ڪا بہ هدايت جاري ناهي ڪئي وئي۔
سنڌ جي گهرو وزير جو چوڻ هو تہ بنا تصديق ٿيل ۽ گمراهہ ڪندڙ خبرن کان پاسو ڪيو وڃي ۽ سيڪيورٽي معاملن کي سياست سان نہ ڳنڍيو وڃي۔
گذريل ڏينهن ايم ڪيو ايم اڳواڻن جي سيڪيورٽي واپس ورتي وئي هئي، جنهن تي سنڌ حڪومت جي ترجمان وضاحت پڻ ڏني هئي۔
ترجمان جو چوڻ هو تہ سيڪيورٽي واپس وٺڻ جا ڪي سبب هوندا، شهر ۾ پوليس جي کوٽ آهي، ٿي سگهي ٿو ان سبب ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻن کان پوليس سيڪيورٽي واپس ورتي وئي هجي۔…..