ايم ڪيو ايم اڳواڻن کان سيڪيورٽي واپس؟ سنڌ حڪومت جي ترديد

فہرستِ مضامین

ڪراچي: ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اهم وزيرن، اسيمبلي ميمبرن ۽ اڳواڻن جي سيڪيورٽي اوچتو واپس ورتي وئي آهي۔

ذريعن موجب وفاقي وزير خالد مقبول صديقي، فاروق ستار، مصطفىٰ ڪمال ۽ انيس قائمخاني جي سيڪيورٽي واپس ورتي وئي آهي

جڏھن تہ سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي جي سيڪيورٽي کان بہ سيڪيورٽي واپس ورتي وئي آھي ۔

سيڪيورٽي واپس وٺڻ تي ايم ڪيو ايم جي وزيرن، اسيمبلي ميمبرن ۽ اڳواڻن ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي

ذريعن جو چوڻ آهي تہ ان صورتحال ۾ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن هنگامي پريس ڪانفرنس طلب ڪري ورتي آهي

ٻئي پاسي سنڌ حڪومت جي ترجمان سمعتہ افضال سيد، ايم ڪيو ايم جي وزيرن جي سيڪيورٽي واپس وٺڻ بابت خبرن جي ترديد ڪئي آهي۔

تفصيل موجب سنڌحڪومت جي ترجمان سمعتا افضال سيد چيو تہ ايم ڪيو ايم هڪ ڀيرو ٻيهر ڪوڙا بيانيا ۽ ناڪاري پروپيگنڊا شروع ڪري ڇڏي آهي۔

سنڌحڪومت جي ترجمان چيو تہ ايم ڪيو ايم جي ڪنهن بہ وزير يا اڳواڻ کان سيڪيورٽي واپس نہ ورتي وئي آهي، جيڪي ماڻهو سيڪيورٽي جا حقدار آهن، انهن وٽ مڪمل سيڪيورٽي موجود آهي۔

سمعتا افضال سيد چيو تہ هي سهولت قانون ۽ سيڪيورٽي پروٽوڪول تحت فراهم ڪئي پئي وڃي۔

ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو تہ ايم ڪيو ايم پاران سيڪيورٽي بابت لڳايل بي بنياد الزام صرف سياسي پروپيگنڊو آهن۔

ھوڏانھن  سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديہ جاويد چيو آهي تہ جيڪڏھن ايم ڪيو ايم اڳواڻن کان سيڪيورٽي واپس وٺڻ جا ڪجهہ سبب هوندا۔

خانگي ٽي وي سان ڳالھائيندي ھن چيو تہ شهر ۾ پوليس نفري گهٽ آهي، ممڪن آهي ان ئي سبب جي ڪري ايم ڪيو ايم اڳواڻن کان سيڪيورٽي واپس ورتي وئي هجي۔

هن چيو تہ سندس پاڻ وٽ بہ ڪا پوليس سيڪيورٽي ناهي ۽ سنڌ حڪومت جي ايم پي ايز وٽ بہ سيڪيورٽي موجود ناهي

سنڌ حڪومت جي ترجمان وڌيڪ چيو تہ سنڌ ۾ فارنزڪ ليب نہ ھجڻ حڪومتي کوٽ آھي، هن سال جي آخر تائين سنڌ جي فارنزڪ ليب فعال ٿي ويندي۔

گل پلازا جي متاثر دڪاندارن جي منتقلي بابت سوال تي سعديه جاويد چيو ته گل پلازا سامهون ٻہ پلازا موجود آهن، جتي دڪاندارن کي منتقل ڪيو ويندو۔

حڪومت ۽ پلازا مالڪن وچ ۾ ڳالھيون جاري آھن، هڪ پلازا ۾ 500 ۽ ٻئي ۾ 350 دڪان موجود آهن۔

هن چيو تہ ڪميٽي گل پلازا جي نقصان جو اندازو لڳائيندي ۽ ان جو ازالو حڪومت ڪندي، جڏھن تہ ڪميٽي ٽِن هفتن اندر گل پلازا بابت نقصان جي رپورٽ حڪومت کي پيش ڪندي

آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو اسلام آباد ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻن کان سيڪيورٽي واپس وٺڻ بابت سوال جي جواب ۾ چيو تہ وفاقي وزير خالد مقبول صديقي کي سيڪيورٽي ڏنل آھي، کائنس واپس ناھي ورتي وئي

آءِ جي سنڌ چيو تہ ھو اسلام آباد ۾ کيس معاملي بابت ڄاڻ ناھي، ڪراچي پھچي معاملي کي ڏسندو………..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں