آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ڪوريج لاءِ بنگلا ديشي صحافين کي ايڪريڊيشن ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي۔
بنگلا ديشي ميڊيا موجب سري لنڪا ۽ ڀارت ٻنهي ملڪن ۾ ڪنهن بہ بنگلاديشي صحافين کي ايڪريڊيشن نہ ڏني وئي، جڏھن تہ ڪيترن صحافين جون ايڪريڊيشنون اڳ ۾ منظور ٿيڻ باوجود بعد ۾ رد ڪيون ويون۔
بنگلا ديش جي هڪ صحافي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو تہ 20 تاريخ تي هڪ صحافي کي ايڪريڊيشن جي تصديقي اي ميل ملي هئي، پر بعد ۾ ايڪريڊيشن رد ٿيڻ بابت ٻي اي ميل موڪلي وئي۔
بنگلا ديش جي هڪ سينئر صحافي پنهنجي بيان ۾ چيو تہ جيڪڏھن ٽيم مقابلي ۾ حصو نہ بہ وٺي، تڏھن بہ آءِ سي سي ايسوسيئيٽ ميمبر ملڪن جي صحافين کي ايڪريڊيشن جاري ڪندو آهي۔
بنگلا ديش جي اسپورٽس صحافين جي تنظيمن چيو آهي تہ جلد اڳتي جي لائحہ عمل جو اعلان ڪيو ويندو، جڏھن تہ انهن جو چوڻ آهي تہ آءِ سي سي طرفان صحافين کي ايڪريڊيشن نہ ڏيڻ بابت ڪا بہ وضاحت نہ ڏني وئي آهي۔
ٻئي طرف بنگلا ديش ڪرڪيٽ بورڊ جي ميڊيا ڪميٽي جي چيئرمين امزاد حسين صحافين کي ايڪريڊيشن نه ملڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته 130 کان 150 بنگلا ديشي صحافين ايڪريڊيشن لاءِ درخواستون ڏنيون هيون۔
ھن ٻڌايو تہ جيتري کيس ڄاڻ آهي تہ بنگلا ديش جي سڀني صحافين جون ايڪريڊيشنون رد ڪيون ويون آهن۔….