ٽي 20 ورلڊ ڪپ لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان، بابر اعظم جي واپسي، حارث رئوف ڊراپ

فہرستِ مضامین

اسلام آباد : پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 لاءِ قومي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

سلمان علي آغا کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي، جڏھن تہ بابراعظم جي واپسي ٿي آھي، فاسٽ بالر حارث رئوف ڊراپ ڪيو ويو آھي.

اسڪواڊ ۾ فهيم اشرف، خواجہ محمد نافع، محمد سلمان مرزا، صاحبزادہ فرحان، عثمان طارق، ابرار احمد شامل آهن.

فخر زمان، محمد نواز، شاهين شاه آفريدي، عثمان خان، صائم ايوب، شاداب خان ۽ نسيم شاه پڻ اسڪواڊ جو حصو آهن.

پاڪستان پنهنجي ورلڊ ڪپ مهم 7 فيبروري تي نيدرلينڊز خلاف شروع ڪندو، ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جا ميچ 7 فيبروري کان 8 مارچ تائين ٿيندا.

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان اڳ پاڪستان آسٽريليا خلاف ٽن ميچن جي ٽي ٽوئنٽي سيريز کيڏندو، جيڪا ورلڊ ڪپ لاءِ تياري هوندي.

آسٽريليا جي ٽيم 28 جنوري تي پاڪستان پهچي، ميچز قذافي اسٽيڊيم، لاھور ۾ 29، 31 جنوري ۽ 1 فيبروري تي کيڏيا ويندا………

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں