وڏو وزير پلازہ سانحي تي سوالن جا جواب ڏيڻ بدران گمراھ ڪري رھيوآھي: فاروق ستار

فہرستِ مضامین

ڪراچي: ايم ڪيو ايم پاڪستان اڳواڻ فاروق ستار الزام ھنيو آھي تہ سنڌ جو وڏو وزير گل پلازا سانحي بابت سوالن جا جواب ڏيڻ بدران گمراھ ڪري رھيو آھي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فاروق ستار چيو تہ سانحي گل پلازا بابت انتهائي سنگين نوعيت جا سوال آهن، سوال ھڪڙا آھن ۽ جواب ڪجھ ٻيا ڏنا پيا وڃن.

هن چيو تہ اسان سوال ڪيو تہ وڏو وزير سانحي جي 20 کان 22 ڪلاڪ پوءِ گل پلازا پهتو، ان دير جو سبب ٻڌايو وڃي، جڏھن تہ ميئر ڪراچي 23 ڪلاڪ پوءِ گل پلازا پهتو، تنقيد ٿيڻ تي هنن ٻڌايو تہ هو اسلام آباد ۾ آھن، اوھان جي اچڻ بعد جڏھن ماڻھن جو رويو ڏٺو تہ پوءِ سنگيني جي خبر پئي.

ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو تہ انهن سوالن جا جواب ڏنا وڃن، اوھان واقعي جي سنگيني کان ڌيان هٽائي رھيا آهيو، هر سوال جو جواب موجود آهي، پر توھان پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آهيو، جڏھن توھان کان سوال ڪيو وڃي ٿو تہ چئي رھيا آھيو سانحي تي سياست نہ ڪيو…

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں