ڪراچي: گل پلازا ۾ فائربريگيڊ ۽ ريسڪيو عملي جون ڪارروايون جاري آهن، جتي ٻن فلور کي ڪليئر ڪيو ويو آهي۔
ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ جاويد نبي کوسو ٻڌايو تہ باهہ متاثر گل پلازہ جي گرائونڊ فلور ۽ پهرين فلور کي ڪليئر ڪيو ويو آهي۔
ڊپٽي ڪمشنر موجب ٻئي ۽ ٽئين فلور ۾ داخل ٿيڻ جون ڪوششون جاري آهن، ڪٽر جي مدد سان گرلز ڪٽيون پيون وڃن۔
جاويد نبي کوسو چيو تہ لاپتا ماڻهن جو انگ 81 ٿي ويو آھي، جنهن مان ڪجهہ نالا 2 چڪر شامل آھن، جڏهن تہ في الحال 74 لاپتا ماڻهن جي تصديق ٿي چڪي آهي۔
ٻئي پاسي پوليس سرجن ڊاڪٽر سميعہ جو چوڻ آهي تہ هينئر تائين 27 لاش سول سول اسپتال پھچايا ويا آھن، 14 لاشن جا نمونا حاصل ڪيا ويا آهن، جن مان 7 لاشن جي سڃاڻپ مڪمل ٿي چڪي آهي، جڏھن تہ 7 لاش جي سڃاڻپ شناختي ڪارڊ ذريعي ٿي۔
پوليس سرجن موجب فوت ٿيلن جي سڃاڻپ لاءِ 50 وارثن جا نمونا ملي چڪا آهن، سمورا نمونا سنڌ فارنزڪ ڊي اين اي ليبارٽري موڪليا ويا آهن، ڊي اين اي ٽيسٽ انٽرنيشنل سينٽر فار ڪيميڪل اينڊ بائيو لاجڪل سائنسز، جامعہ ڪراچي ۾ ڪيا ويندا، جڏھن تہ واقعي واري هنڌ تان ڪجهہ انساني عضوا بہ آندا ويا آهن، جن تي ڪم جاري آهي۔
ڇرڪائيندڙ انڪشاف
متاثر دڪاندارن جو چوڻ آهي تہ عمارت ۾ ڪُل 26 داخلي ۽ خارجي دروازا آهن، رات 10 ھين وڳي سڀئي گيٽ بند ڪري رڳو ٻہ دروازا کليل رکيا ويندا آهن۔
دڪاندارن ٻڌايو تہ عمارت ۾ ڪو بہ ايمرجنسي دروازو موجود نہ هو ۽ باهہ انتهائي تيزي سان پکڙجي رھي هئي، سانحي وقت 26 مان 24 دروازا بند هئا، سڄي مارڪيٽ ۾ دونھون ڀرجي چڪو ھو.
دڪاندارن جو چوڻ آهي تہ باهہ لڳڻ وقت بجلي بند هئي، ڪنهن کي ڪجهہ بہ سمجهہ ۾ نہ پئي آيو، نہ وري ڪجھ نظر اچي رھيو هو، دونھي سبب ڦاٿل ماڻھن کي ساهہ کڻڻ ۾ سخت تڪليف ٿي رھي هئي، جڏھن تہ واقعي وقت دڪانن تي ورڪر ۽ گراهڪ موجود هئا۔
دڪاندارن موجب باهہ لڳڻ کان ٿوري دير بعد ڪجهہ ماڻهو بيهوش ٿي زمين تي ڪري پيا، جڏھن تہ ڪيترن ماڻهن کي دڪاندارن پنهنجي مدد سان عمارت مان ٻاهر ڪڍيو….۔