🔴 اي وي بسن ۽ اسڪوٽيز کانپوءِ هاڻي اي وي ٽيڪسيون شروع ڪنداسين: شرجيل ميمڻ

فہرستِ مضامین

ڪراچي: سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي تہ سنڌ حڪومت پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سنڌ، خاص طور تي ڪراچي شهر ۾ اليڪٽرڪ بسون متعارف ڪرايون آهن،  هي ويزن پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت ۽ سنڌ حڪومت جو آهي، اسان کان پوءِ پنجاب حڪومت بہ اي وي بسون شروع ڪيون، اسان رڳو اي وي بسون تائين محدود نہ رھياسين ، پر اي وي اسڪوٽيز بہ شروع ڪيون ۽ هاڻي اي وي ٽيڪسيون شروع ڪرڻ وڃي رھيا آهيون.

سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي هن چيو تہ آئون سدائين ڪابينا ۾ ايِ وي گاڏين جي حمايت ڪندو آيو آهي، اسان کي اهو سمجهڻ گهرجي تہ حڪومتون پيٽرول جي مد ۾ ڪيترو خرچ ڪن ٿيون ۽ اهڙي حڪمت عملي ٺاهڻي پوندي جنهن سان پيٽرول جي بچت ممڪن ٿي سگهي.

هن چيو تہ سرڪاري آفيسن ۾ جنريٽرن تي بہ وڏا خرچ ايندا آهن، تنهنڪري سنڌ حڪومت اسپتالن ۽ اسڪولن کي سولرائز ڪيو آهي.

هن جو چوڻ هو تہ 5000 بسون تمام وڏو تعداد آهيم ايتريون بسون آڻڻ ۾ وقت لڳندو، ڇو تہ اهي جديد ٽيڪنالاجي تي ٻڌل ۽ مهانگيون آهن، جڏھن تہ انفراا سٽرڪچر جا مسئلا بہ آهن.

شرجيل ميمڻ چيو تہ ٽرانسپورٽرز جي هڙتال مختلف سببن جي ڪري هئي، گذريل ڪجهہ ڏينهن دوران اهڙا واقعا پيش آيا جن سبب روڊ بند رھيا، ڪراچي ۾ هيوي ٽريفڪ کي باهہ ڏيڻ جا واقعا بہ ٿيا، وفاقي حڪومت سان ڪجھہ مطالبن جي ڪري ٽرانسپورٽرز احتجاج ڪيو هو سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت گڏجي ٽرانسپورٽرز جا مسئلا ٻڌا ۽ انهن کي حل ڪيو ويو…..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں