ڪراچي : گل پلازہ سانحي ۾ فوت ٿيندڙن جو انگ وڌي 26 ٿي ويو آهي، جڏھن تہ واقعي کانپوءِ اڃا تائين 73 ماڻهو گم آهن.
سنڌ حڪومت جي هيلپ ڊيسڪ موجب گذريل ڏينھن 70 ماڻهن جي گم هجڻ جي تصديق ٿي ھئي، جڏھن تہ اڄ وڌيڪ 3 ماڻهن جا نالا لاپتا ماڻهن جي فهرست ۾ شامل ڪيا ويا آهن.
سنڌحڪومت جي هيلپ ڊيسڪ طرفان جاري ڪيل فهرست موجب لاپتا ماڻهن ۾ ڪيترين ئي عورتن جا نالا پڻ شامل آهن.
ريسڪيو عملدارن موجب پلازہ ۾ لڳل باهہ تي ضابطو آندو ويو آھي ۽ ڪولنگ جو عمل جاري آھي، جڏھن تہ ريسڪيو اھلڪار گم ٿيل ماڻھن جي ڳولا ۾ مصروف آھن
گل پلازہ سانحو:
ايم اي جناح روڊ تي واقع گل پلازہ ۾ ڇنڇر جي رات لڳ ڀڳ ساڍي 10 ھين وڳي باهہ لڳي، گرائونڊ فلور تي لڳل باهہ ڏسندي ڏسندي 2 ماڙ تائين پهچي وئي، جڏھن تہ شديد ۽ خوفناڪ باھ سبب عمارت جا ڪيترائي حصا ڪري پيا.
متاثر شھري ڇنڇر جي رات کان سڙندڙ عمارت ٻاهران پنهنجي پيارن جي واٽ ڏسندا رھيا، فائر فائٽرز 33 ڪلاڪن کانپوءِ باهہ تي مڪمل طور ضابطو آڻي ورتو، جنهن کانپوءِ هاڻي ڪولنگ جو عمل جاري آهي.
عملدارن موجب، باهہ تي ضابطو آڻڻ کانپوءِ فائرفائٽرز پلازہ اندر داخل ٿيا آھن، سڙيل دڪانن ۾ محدود پيماني تي سرچ آپريشن ڪيو ويو، ان دوران هڪ ٻار سميت 3 ماڻهن جا عضوا مليا، جن کي سول اسپتال جي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو.
سانحي ۾ ھيل تائين 26 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي۔
تخريبڪاري جو امڪان رد
ٻئي پاسي ڪراچي پوليس چيف آزاد خان گل پلازہ سانحي جي شروعاتي جاچ ۾ تخريبڪاري جي امڪان کي رد ڪري ڇڏيو آهي۔
چيف فائر آفيسر جو بيان
چيف فائر آفيسر موجب گل پلازہ ۾ گلن جي دڪان ۾ ڇنڇر جي رات 10 وڳي 14 منٽن تي باهہ لڳي، جڏھن تہ 10 وڳي 38 منٽن تي ريسڪيو 1122 کي باهہ بابت اطلاع ڏنو ويو.
چيف فائر آفيسر ٻڌايو تہ 10 وڳي 57 منٽن تي ريسڪيو 1122 جا ٻہ فائر ٽينڊر واقعي واري هنڌ پهتا، گل پلازه ۾ تقريبن ۾ 14 کان 16 داخلي ۽ خارجي رستا آھن پر سوڙھن رستن سبب باھ ڏسائڻ ۾ ڏکيايون پيش آيون.
چيف فائر آفيسر موجب، عمارت جي سڀني داخلي ۽ خارجي رستن ۾ دونهون ڀرجي ويو هو, باه وسائڻ دوران 2 کان 3 ڪلاڪن ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي وئي، جڏھن تہ پاڻي کڻي ايندڙ ٽينڪر گرو مندر ويجهو جاري تعميراتي ڪم ۾ ڦاسي پيا.
چيف فائر آفيسر جو چوڻ آهي تہ هجوم ۽ ٽريفڪ جو انتظام نہ هجڻ سبب پاڻي جي کوٽ کي فوري طور ختم نٿو ڪري سگهجي، جڏھن تہ باهہ وسائڻ لاءِ فوم جو استعمال پهرين ئي ڏينهن ڪيو ويو.
چيف فائر آفيسر وڌيڪ ٻڌايو تہ عمارت جا حصا ٽن مختلف هنڌن تان ڪري پيا آهن ۽ عمارت زبون حال ٿي چڪي آهي، هاڻي بہ 12 فائر ٽينڊرز، 6 واٽر بائوزر ۽ 2 سنارڪل واقعي واري هنڌ موجود آهن، گل پلازہ ۾ لڳل باهہ 90 سيڪڙو وسائي وئي آهي ۽ عمارت اندر موجود سامان ۾ 10 سيڪڙو باهہ لڳي رھي آهي، رات دير تائين گرائونڊ فلور جي سڀني دڪانن ۾ باهہ وسائي وئي هئي……