انڊر 19 ورلڊ ڪپ: انگلينڊ پاڪستان کي 37 رنس تان شڪست ڏئي ڇڏي

فہرستِ مضامین

انڊر19 ورلڊ ڪپ ۾ انگلينڊ پاڪستان کي 37 رنز سان شڪست ڏئي ڇڏي

هراري ۾ کيڏيل ميچ ۾ گرين شرٽس 211 رنز جي هدف جي تعاقب ۾ 47هين اوور ۾ 173 رنز ٺاهي آل آئوٽ ٿي ويا۔

پاڪستان انگلينڊ خلاف ٽاس کٽي فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، پاڪستان جي شاندار بالنگ آڏو انگلينڊ جا بيٽر کلي ڪري راند نہ ڪري سگهيا ۽  انگلينڊ جي پوري انڊر 19 ٽيم 47هين اوور ۾ 210 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي۔

انگلينڊ طرفان فالڪنر سڀ کان وڌيڪ 66 رنز ٺاهيون.

پاڪستان طرفان احمد حسين 3 وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏھن تہ علي رضا، عبدالسبحان ۽ مومن قمر 2،2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو۔

انگلينڊ طرفان ڏنل 211 رنز جي هدف جي تعاقب ۾ پاڪستاني ٽيم جا اوپنر سمير منهس ۽ محمد شايان صرف 23 رنز جي مجموعي اسڪور تي آئوٽ ٿي ويا، عثمان خان 6 رنز ٺاهي پويلين موٽي ويو، جڏھن تہ احمد حسين 12 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو۔

پاڪستان جي بيٽنگ لائن ڏکيائن جو شڪار رھي ۽ پاڪستان انڊر 19 ٽيم 211 رنز جي هدف جي تعاقب ۾ 47هين اوور ۾ 173 رنز ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي.

ڪپتان فرحان يوسف 65 رنز ٺاهي اڳڀرو رھيو۔

انگلينڊ طرفان ايلڪس گرين، البرٽ ۽ جيمز منٽو 2،2 وڪيٽون حاصل ڪيون۔….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں