ميئر ڪراچي پاران شهر سمورن هائيڊرنٽس ۽ ٽينڪرز ذريعي پاڻي جي فراهمي ختم ڪرڻ جو فيصلو

فہرستِ مضامین

ڪراچي: بلديہ عظميٰ ڪراچي ۾ ٽينڪرز ۽ هائيڊرنٽس ذريعي پاڻي جي فراهمي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي۔

ميئر ڪراچي مرتضيٰ وھاب واٽرڪارپوريشن جي اعليٰ عملدارن کي متبادل نظام بابت هدايتون ڏيندي چيو آهي تہ شهر ۾ موجود ستن ھائيڊرنٽس مرحليوار ختم ڪري لائينن ذريعي پاڻي فراهم ڪيو وڃي ۽ شهرين کي سندن دروازي تي لائنز وسيلي پاڻي پهچائڻ جو بندوبست ڪيو وڃي۔

ميئر ڪراچي چيو تہ واٽر هائيڊرنٽنس مان ماهوار 30 ڪروڙ رپين جي آمدني حاصل ٿئي ٿي، واٽر هائيڊرنٽس جو ٺيڪو گذريل سال ختم ٿي چڪو آهي، نوان ٺيڪا جاري نہ ڪيا ويندا، شهرين کي ٽينڪرز جي عذاب کان ڇوٽڪارو ڏياريو ويندو۔

هن وڌيڪ چيو تہ شهر ۾ پاڻي جي کوٽ متبادل ڏينهن ۾ هر علائقي کي پاڻي فراهم ڪري پوري ڪئي ويندي، ٽينڪرز وسيلي پاڻي فراهم ڪرڻ مستقل حل ناهي، جنهن سان شهرين کي ڏکيائون پيش اچي رھيون آهن۔

ٻئي پاسي بلديہ عظميٰ ڪراچي ۾ وڏي پيماني تي مالي سڌارا آڻڻ جو بہ فيصلو ڪيو ويو آهي، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وھاب سان ايف اي بي ايس ڊائريڪٽوريٽ ۽ ڪنٽرولر جنرل آف اڪائونٽس جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن دوران مالي ۽ انتظامي معاملن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي۔

ميئر ڪراچي پينشن سسٽم کي جلد کان جلد ڊجيٽل ڪرڻ جي هدايت ڪئي، جڏھن تہ پينشن سسٽم سان گڏوگڏ ڊولپمينٽ پيمينٽ سسٽم کي بہ (SAP) سسٽم سان ڳنڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو۔

ميئر ڪراچي چيو تہ بلديه عظميٰ جي مالي ۽ انتظامي معاملن ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ ترجيح آهي، چالانن، ڏنڊن ۽ ڀاڙن جي وصولي کي بہ ڊجيٽل ڪيو ويندو، وفد پاران ٽريٽمينٽ پلان ۽ ٻين سيڙپڪاري منصوبن بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي، جنهن تي ميئر ڪراچي جلد کان جلد جامع پلان تيار ڪري ڪم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں