بدين جي علائقي پيرو لاشاري ويجھو ھاري ڪيلاش ڪولھي کي قتل ڪندڙ جوابدار کي پوليس گرفتار ڪري ورتو.
ذريعن موجب جوابدار سرفراز نظاماڻي کي پنجاب جي علائقي رحيم يار خان مان گرفتار ڪيو ويو.
جوابدار 6 ڏينھن اڳ پنھنجي ھاري ڪيلاش ڪولھي کي قتل ڪري فرار ٿي ويو ھو.
جوابدار جي گرفتاري لاءِ ھاري جي وارثن طرفان ڪراچي روڊ تي ڌرڻو ھنيو ويو ھو.
ايس ايس پي قمر رضا جسڪاڻي طرفان جوابدار جي گرفتاري لاءِ 24 ڪلاڪن جي مھلت گھري وئي ھئي.
ذريعن موجب پوليس جوابدار کي پنجاب مان گرفتار ڪيو ويو آھي.