وڏي وزير مراد علي شاھ جي صدارت ھيٺ صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن بابت اجلاس ٿيو آھي.
سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، ناصر شاھ، سعيد غني، ضياءُ الحسن لنجار ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي ڳالھائيندي وڏي وزير مراد علي شاھ چيو تہ زراعت جي ترقي لاءِ آبپاشي نظام کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ ضروري آھي.
ھن چيوتہ ملڪ کي زرعي شعبي ۾ پاڻڀرو بڻائڻ لاءِ آبپاشي نظام ۾ بھتري ضروري آھي.
صوبائي وزير ڄام خان شورو ٻڌايو تہ سکر بئراج جا 25 دروازا تبديل ڪيا پيا وڃن.
وڏي وزير ھدايت ڪئي تہ ڪينال ڪلوزر دوران سکر بئراج جا گھٽ ۾ گھٽ 27 دروازا تبديل ڪيا وڃن. اجلاس دوران ڪي بي فيڊر جي لائننگ جي ڪم جو بہ جائزو ورتو ويو.