ڪي پي جي وڏي وزير سھيل آفريدي چيو آھي تہ عمران خان اسٽريٽ موومينٽ جي تياري جي ذميواري ڏني آھي، ان تي عمل ڪري رھيو آھيان.
ڪي پي جو وڏو وزير سھيل آفريدي دوري تي سنڌ پھتو، صوبائي وزير سعيد غني جناح ايئرپورٽ پھچي سھيل آفريدي جي آجيان ڪئي.
صوبائي وزير سعيد غني طرفان سھيل آفريدي کي ٽوپي ۽ اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو ويو.
ڪي پي جو وڏو وزير سھيل آفريدي ايئرپورٽ کان جناح گرائونڊ پھتو، جتي ھن ڪارڪنن کي مختصر خطاب ڪيو، جنھن بعد ھو پريس ڪلب پھتو.
پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي سھيل آفريدي چيو تہ پنجاب جي دوري دوران پنجاب حڪومت جي فسطائيت سبب تجربو سٺو نه رهيو.. پنجاب ۾ جنهن مارڪيٽ ۾ ماني کائڻ وڃي رهيا هئاسين اتان جي بجلي ئي بند ڪئي ويندي هئي اها روايت سٺي نه لڳي.
سندس چوڻ ھو تہ جلسي لاءِ درخواست ڏني آ سنڌ حڪومت زباني طور اجازت به ڏني آهي پر اڃا تائين لکت ۾ اجازت نامو نه مليو آهي، آچر تي ساڍي چئين وڳي جناح گرائونڊ ۾ ڪراچي جي تاريخ جو سڀ کان وڏو جلسو هوندو.
ھن چيو تہ حقيقي آزادي جي تحريڪ ۾ قانون جي بالادستي ۽ آزاد عدليا جي بحالي ضروري آھي، اها تحريڪ عمران خان شروع ڪئي هئي جنهن جي پاداش ۾ کيس سزا ملي رهي آهي.
سھيل آفريدي چيو تہ عمران خان جون ڀينرون غير سياسي آهن هر هفتي عمران سان ملڻ اڊيالا جيل ملاقات لاءِ وڃن ٿيون پر انهن جي ملاقات نه ٿي ڪرائي وڃي، هڪ سال کان عمران خان کي دوستن سان ملڻ ناهي ڏنو ويوڪي پي جي وڏي وزير چيو تہ حق سچ جي تحريڪ دوران ميڊيا کي اسان جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، سنڌ ۾ پي ٽي آئي سان ظلم ڪيو ويو ماضي ۾ پر اڄ ڪجهه بهتر نظر اچي رهيو آهي..