سنڌ ھاءِ ڪورٽ جَي چيف جسٽس، جسٽس ظفر احمد راجپوت چيو آھي تہ صوبي جَي سرحدي علائقن ۾ امن امان جو وڏو مسئلو آھي، بدامني ھوندي تہ سيڙپڪاري نہ ٿيندي.
مختلف علائقن جي دوري تي موجود چيف جسٽس اڄ گھوٽڪي پھتو، جتي ھن ڊسٽرڪٽ اينڊ ڪورٽ جي عمارت ۾ ٻن عمارتن جو افتتاح ڪيو.
ان موقعي تي خطاب ڪندي چيف جسٽس چيو تہ نوجوان وڪيل ئي مستقبل آھن، ايمانداري سان محنت ڪن، ڊجيٽل دور ۾ نوجوانن وٽ وڌيڪ موقعا آھن.
ھن چيو تہ اڄ مان چيف جسٽس آھيان، سڀاڻي ڪو ٻيو ھوندو، سرحدي علائقن ۾ امن امان جو وڏو مسئلو آھي، بدامني ٿيندي تہ سيڙپڪاري نہ ايندي، انتظاميہ امن امان بھتر بڻائي.
چيف جسٽس جو وڌيڪ چوڻ ھو تہ ججز جي کوٽ جلد پوري ٿيندي، گھوٽڪي ۾ ڪلرڪ ۽ لوئر اسٽاف بہ ڀرتي ٿيندا، عدالتن ۾ اِي لائبريري ۽ سولر سسٽم ڏنو ويندو، بار ايسوسيئيشن کي بہ اِي لائبريري ڏني ويندي.
چيف جسٽس، ظفر احمد راجپوت جو چوڻ ھو تہ ميرپور ماٿيلو، ڏھرڪي ۽ اوٻاوڙو ۾ سھولتون فراھم ڪيون وينديون، چيف جسٽس آف پاڪستان جي ويزن تي عمل جاري آھي.