سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تہ ڪي پي جي وڏي وزير کي سنڌ ۾ ڀليڪار چئون ٿا، سھيل آفريدي کي پروڪول ڏنو ويندو.
ڪراچي پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو تہ جيڪڏھن ڪي پي جو وڏو وزير سنڌ ۾ سياسي سرگرمي لاءِ اچي رھيو آھي تہ کيس ڀليڪار ڪريون ٿا، کيس آئين ۽ قانون موجب سرگرمين جي اجازت آھي.
ھن چيو تہ اسان کي رڳو تحريڪ انصاف جي سياست جي طريقي تي اعتراض آھي، طالبان جون آفيسون کولڻ ۽ کين آزاد ڪرڻ تي بہ اعتراض آھي.
سندس چوڻ ھو تہ پي ٽي آءِ وارن اختلافن ۽ گاريون ڏيڻ کانسواءِ ڪجھ ڪيو ئي ناھي.
سينيئر وزير چيوتہ پيپلزپارٽي ماضي ۾ بہ صحافين سان سھڪار ڪيو آھي، اڳتي بہ ڪندي رھندي.