عالمي بينڪ طرفان منصوبي جي ڪارڪردگي کي اطمينان جوڳو قرار ڏيڻ سنڌ حڪومت جي اثرائتي رٿابندي جو ثبوت آھي: شرجيل ميمڻ

فہرستِ مضامین

سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تہ عالمي بينڪ طرفان سنڌ فلڊ ايمرجنسي ريھيبلٽيشن منصوبي جي ڪارڪردگي کي اطمينان جوڳو قرار ڏيڻ سنڌ حڪومت جي اثرائتي رٿابندي جو ثبوت آھي.

جاري ڪيل بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو تہ سنڌ فلڊ ايمرجنسي ريھيبلٽيشن منصوبي تحت سڄي صوبي ۾ اھم انفرا اسٽرڪچر جي بحالي ذريعي 7 ڏھائي 2 ملين کان وڌيڪ ماڻھن لاڀ ماڻيو، منصوبي تحت لاڀ حاصل ڪرڻ وارن ۾  3 ڏھائي  4 ملين عورتون شامل آھن.

 ھن چيو تہ سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن جي بحالي کي ترجيح ڏني ۽ محدود وسيلن  باوجود شفافيت، رفتار ۽ اثرائتي عملدرآمد کي يقيني بڻايو.

شرجيل ميمڻ جو چوڻ ھو تہ عالمي بينڪ طرفان منصوبي ۾ اڳڀرائي کي تسلي جوڳو قرار ڏيڻ ان ڳالھ جي تصديق آھي تہ سنڌ حڪومت صحيح رخ ۾ اڳتي وڌي رھي آھي. سندس چوڻ ھو تہ سنڌ حڪومت جو منصوبو متاثر ٿيل علائقن ۾ بنيادي سھولتن جي بحالي جو سبب بڻيو آھي، فلڊ ايمرجنسي ريھيبلٽيشن منصوبو معاشي ۽ سماجي استحڪام ۾ اھم ڪردار ادا ڪري رھيو آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں