ايران، گرين لينڊ يا ڪيوبا؟ وينزويلا کانپوءِ آمريڪا جو ايندڙ نشانو ڪهڙو ملڪ ٿي سگهي ٿو؟

فہرستِ مضامین

وينزويلا جي صدر نيڪولس مادورو کي  جڏھن  نيويارڪ جي عدالت  ۾ پيش ڪيو ويو تہ سندس پيرن ۾ ٻڌل زنجيرن جو آواز صاف ٻڌڻ ۾ پئي آيو.مادورو عدالت کي ٻڌايو تہ، ’’سر! مان نيڪولس مادورو آهيان، مان جمهوريه وينزويلا جو صدر آهيان ۽ مون کي 3 جنوري تي اغوا ڪري هتي آندو ويو آهي۔‘‘

63 ورھين مادورو ۽ سندس گھر واري کي نيويارڪ جي جيل منتقل ڪيو ويو، جتان کين عدالت آڻي مٿن فرد جرم جي ڪارروائي ھلائي وئي.

وينزويلا تي حملي ۽ صدر جي گرفتاري سان صدر ٽرمپ جي پاليسي واضح ٿيندي نظر اچي رھي آھي ته هاڻي ھو رڳو ڌمڪيون نہ پر عمل ڪندي نظر اچي رھيو آھي.

ٽرمپ اهو به اشارو ڏنو ته معاملو هتي نه رڪندو ۽ ڪولمبيا جي صدر کي پڻ خبردار ٿيڻ گهرجي، ٽرمپ ڪيوبا ۽ ميڪسيڪو بابت به ساڳيا خيال ظاهر ڪيا آھن.

وینزويلا جي خلاف آپريشن کانپوءِ ٽرمپ 1823 جي ‘منرو نظريي’ جو حوالو ڏنو، جيڪو آمريڪي بالادستي کي يقيني بڻائيندو آهي، ٽرمپ انهي نظريي کي ’’ڊونرو نظريو‘‘ ڪوٺي ٿو.

گرين لينڊ ۽ ڪولمبيا بہ ٽرمپ جي نشاني تي؟

گرين لينڊ ۾ آمريڪا جو اڳ ئي فوجي اڏو آھي پر هاڻي ٽرمپ سڄي ٻيٽ تي ڪنٽرول چاهي ٿو، ڇو ته هي علائقو روسي ۽ چيني جهازن سان ڀريل آهي، گرين لينڊ ڊينمارڪ جي بادشاھت جي ڪنٽرول ۾ آهي ۽ آمريڪا جي اتر ۾ تقريباً 2000 ميل پري آهي. هي علائقو ناياب معدنيات سان مالا مال آهي جيڪي اسمارٽ فونز، اليڪٽرڪ گاڏين ۽ ملٽري هارڊويئر لاءِ اهم آهن.

چين هن وقت ناياب معدنيات جي پيداوار ۾ آمريڪا کان گهڻو اڳتي آهي، ٽرمپ کي خوف آھي تہ جيڪڏھن چين ڪا اڳڀرائي ڪئي تہ آمريڪا وڏي مصيبت ۾ ڦاسي سگھي ٿو

 گرين لينڊ جي وزيراعظم ٽرمپ جي گرين لينڊ تي قبضي واري ڌمڪي کي سندس اڻپورو خواب قرار ڏنو آھي، ٻئي پاسي ٽرمپ جي نظر ڪولمبيا جي قدرتي وسيلن تي به آهي، ڇو ته آمريڪا جو ڪنهن ملڪ تي حملو ڪرڻ جو مقصد اتي پنهنجا ماڻهو آباد ڪرڻ نه آهي پر وسيلن تي قبضو ڪرڻ آهي.

 ڪولمبيا جي صدر گسٽاو پيٽرو کي خبردار ڪيو ويو ته هو پنهنجي ڪرسي تي نظر رکي، ڇاڪاڻ ته ڪولمبيا پڻ وينزويلا جي اولهه وارو پاڙيسري ملڪ آهي ۽ سون، چاندي، زمرد، پليٽينيم ۽ ڪوئلي سان مالا مال آھي.

ڪولمبيا منشيات، خاص ڪري ڪوڪين جي واپار جو به اهم مرڪز آهي، آمريڪا سيپٽمبر ۾ سمنڊ اندر ٻيڙين تي حملا شروع ڪيا، بنا ثبوت جي چيو ته اهي منشيات کڻي ٿي ويا.

آمريڪا آڪٽوبر ۾ گسٽاو پيٽرو تي پابنديون لڳايون ته هو منشيات ڪارٽيلز کي وڌائي رهيو آهي. ٽرمپ چيو ته ڪولمبيا هڪ بيمار ملڪ هلي رهيو آهي جيڪو ڪوڪين ٺاهي ٿو ۽ آمريڪا ۾ اسمگل ڪري ٿو.

ڇا آمريڪا ڪولمبيا ۾ ڪارروائي ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو؟

ڇا آمريڪا ڪولمبيا ۾ ڪارروائي ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو؟ ان حوالي سان جڏھن ٽرمپ کان سوال ڪيو ويو تہ ٽرمپ چيو ’’هي خيال مون کي سٺو لڳي ٿو۔‘‘،
تاريخي طور تي ڪولمبيا آمريڪا جو ويجهو اتحادي رهيو آهي ۽ منشيات جي خاتمي لاءِ ھر سال آمريڪي فوج کي ڪروڙين ڊالر فنڊز بہ  ڏيندو رھي ٿو.

وينزويلا خلاف ڪارروائي کان پوءِ ايران ۾ پڻ ردعمل واضح ٿيو، جتي ايراني اختياريون هن ڪارروائي کي بين عالمي قانون جي سرعام ڀڃڪڙي قرار ڏئي مذمت ڪن ٿيون.

ٽرمپ ايران تي حملو ڪيو تہ پوءِ؟

ماهرن موجب ، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تيز آهي ۽ وڏا فوجي آپريشنز ڪرڻ نٿو چاهي، ھو اھڙيون ڪارروايون چاھي ٿو، جن ۾ ڪاميابي جا چٽا امڪان ھُجن ۽ نقصان نہ ٿئي، جيئن اُن وينز ويلا ۾ صدر خلاف ايڪشن کنيو، کيس گرفتار ڪري کڻي ويو پر وينز ويلا جي فوج مداخلت ئي نہ ڪئي.

وينز ويلا تي ٿيل حملي کي عراق تي آمريڪي قبضي سان نٿو ڀيٽي سگھجي، ڇاڪاڻ تہ اِنھن ٻنھي حملن ۾ ھڪجھڙائي بلڪل ناھي.

آمريڪي عملدار چون ٿا ته سي آءِ اي ٽيم صدر مادورو جي اندروني حلقن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ايران ۾ طاقتور حلقن تائين اهڙي انٽيليجنس پهچ جي ضرورت پڻ پوندي. ٽرمپ جي ڌمڪين تي گڏيل قومن ۾ ايران جي سفير خط لکي ٽرمپ جي ڌمڪين بابت آگاھ ڪيو پر ڪا اڳڀرائي نہ ٿي آھي

ٽرمپ ميڪسيڪو تي بہ قبضو چاھي ٿو؟

ميڪسيڪو کي خبر آهي ته ٽرمپ خطرو آهي ۽ آمريڪا دعويٰ ڪري ٿو ته ميڪسيڪو جا حڪمران منشيات يا غير قانوني طور ايندڙ پرڏيھين جي مدد ڪن ٿا يا کڻي ايئن چئجي تہ ايتري ڪارروائي نٿا ڪن جيتري ٿيڻ گھرجي.

ميڪسيڪو جي صدر ڪلاڊيا شين بام چيو ته قدرتي وسيلن ۽ حڪومت جو اختيار عوام وٽ آهي ۽ ڪو ٻيو ملڪ مداخلت جو حق نٿو رکي، ٽرمپ کي ياد رکڻ گھرجي تہ عوام پنھنجي صدر توڙي قدرتي وسيلن جي مالڪي ڪرڻ ڄاڻي ٿو.

ٻيٽا نما ڪيوبا، آمريڪي رياست فلوريڊا کان رڳو 90 ميل پري آهي ۽ ھي ملڪ 60 جي ڏهاڪي کان آمريڪي پابندين جو شڪار آھي، ڪيوبا ۽ وينز ويلا جا ويجھا لاڳاپا رھيا آھن.

ٽرمپ وينز ويلا تي حملي کانپوءِ ھڪ پريس بريفنگ ۾ چيو ھو تہ ڪيوبا ۾ آمريڪي مداخلت جي ضرورت ناهي، ڇو ته ڪيوبا زوال جو شڪار آهي ۽ پنهنجي آمدني جو وڏو حصو وينزويلا کان حاصل ڪندو رھيو آھي.

مادورو جي گرفتاري کانپوءِ تيل جي سپلاءِ بند ٿيڻ سان ڪيوبا لاءِ نوان چيلينجزئي ڪافي آھن، آمريڪي پرڏيھي وزير مارڪو روبيو به ڪيوبا ۾ حڪومت جي تبديلي جو مطالبو ڪندو رھيو آھي.

آمريڪي صدر تصديق ڪئي ته وينزويلا ۾ آپريشن دوران ڪيوبا جا 32 سيڪيورٽي اهلڪار مارجي ويا. ڪيوبا حڪومت ٽرمپ جي بيان تي اڃا ڪو ردعمل نه ڏنو، پر وينزويلا تي آمريڪي حملي کي کليل جارحيت قرار ڏنو ۽ لاطيني آمريڪا جي ملڪن جي اتحاد تي زور ڏنو ويو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں