ٺٽي جي ڊسٽرڪٽ جيل مان ڦاھو ڏنل حالت ھٿ آيل قيدي علي بخش ملاح جو مڙھ وارثن حوالي ڪيو ويو آھي، قيدي علي بخش ملاح کي ڪجھ ڏينھن اڳ موٽرسائيڪل جي الزام ۾ ھاف فراءِ ڪرڻ بعد گرفتار ڪيو ويو ھو.
ياد رھي تہ ٺٽي ۾ ڊسٽرڪٽ جيل جو اڃا تائين افتتاح ناھي ٿيو، وڏي وزير مراد علي شاھ کي ھن جيل جو افتتاح ڪرڻو آھي، پر قيدين کي پھريان ئي شفٽ ڪيو ويو آھي.
علي بخش ملاح 6 ٻارن جو پيءُ ھو، 11 ڊسمبر 2025 تي مبينا مقابلي ۾ ھاف فراءِ ٿيو، سندس مٿان سجاول اسپتال مان موٽرسائيڪل چوري ڪرڻ جو الزام ھو، پوليس سي سي ٽي وي فٽيجز بہ جاري ڪيا ھئا.
عدالتي حڪم تي علي بخش کي بدين جيل منتقل ڪيو ويو ھو، ٺٽي ۾ جيل تيار ٿيو تہ بدين جيل مان 450 قيدين کي منتقل ڪيو ويو، علي بخش ملاح بہ ان قيدين ۾ شامل ھو .
2 ڏينھن پھريان جيل انتظامہ پوليس ذريعي اطلاع ڏنو تہ علي بخش ملاح اڳٺ سان ڦاھو کائي آپگھات ڪيو آھي، جڏھن تہ وارثن پوليس ۽ جيل انتظاميہ تي تشدد جو الزام لڳايو آھي.
علي بخش ملاح جي وارثن سنڌ حڪومت ۽ آءِ جي سنڌ کان شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو آهي…