جسٽس منصور ۽ جسٽس اطھر من اللھ کي پينشن جي مد ۾ ڪيتري رقم ملي؟

فہرستِ مضامین

اسلام آباد : جسٽس منصور علي شاهہ ۽ جسٽس اطهر من الله پاران 27هين آئيني ترميم کانپوءِ استعيفيٰ ڏيڻ تي 16 ڪروڙ 10 لک ۽ 15 ڪروڙ 40 لک رپين کان وڌيڪ پينشن حاصل ڪئي آھي.

ذريعن موجب ٻنهي ريٽائرڊ ججز کي ماهوار پينشن جي مد تي 11 لک ۽ 12 لک رپين کان وڌيڪ رقم ملي رھي آهي.

قانون واري وزارت ھائوس رينٽ ساڍا 3 لک، سپيريئر جوڊيشل الائونس 11 لک مان وڌايو ھو، جسٽس منصور علي شاھ 16 سال جڏھن تہ جسٽس اطھر من اللھ 11 سال کان وڌيڪ ملازمت ڪئي، ٻنهي 27هين آئيني ترميم جي منظوري کانپوءِ استعيفيٰ ڏني، ٻنهي کي ريٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ بہ ميڊيڪل، رھائش ۽ ٻين سهولتن سان گڏ  سندن گھروارين لاءِ پڻ مراعتون حاصل آهن۔

جسٽس اطھر من اللہ جي ماھوار پينشن 12 لک 20 ھزار 381 رپيا آھي، جنھن ۾ ڊرائيور ڊرائيور پينشن 91 ھزار 258 رپيا، خاص اضافي پينشن 84 ھزار 885 رپيا ۽ ميڊيڪل الائونسز شامل آھن.

جسٽس منصور علي شاھ جي مجموعي ماھوار پينشن 11 لک 35 ھزار 496 رپيا آھي، جنھن ۾ ڊرائيور پينشن 91 ھزار 258 رپيا، ميڊيڪل الائونس 45 ھزار 799 رپيا ۽ 11 ھزار 450 رپيا شامل آھي.

ان کانسواءِ سپريم ڪورٽ ججز آرڊر 1997تحت ٻنهي اڳوڻن جج کي ريٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ بہ اضافي مراعتون ڏنيون ويون آهن، جن ۾ ميڊيڪل، رھائش، مڪمل اسٽاف، يوٽيلٽي بلن جي حد، سرڪاري گاڏي، تيل ، سيڪيورٽي، پروٽوڪول ۽ گھروارين لاءِ مراعتون شامل آھن.

گذريل سال نومبر ۾ وفاقي حڪومت اعليٰ عدليہ جي ججز جي پگھارن ۽ الائونسز ۾ واضح اضافو ڪيو هو۔

قانون واري وزارت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سپريم ڪورٽ جي ججز جو ھائوس رينٽ 68 ھزار رپين مان وڌائي 3 لک 50 ھزار رپيا ڪيو ويو، جڏھن تہ سپريم ڪورٽ جي ججز جو سپيريئر جوڊيشل الائونس 4 لک 28 ھزار 40 رپين مان وڌائي 11 لک 61 ھزار 163 رپيا ڪيو ويو.

جسٽس منصور علي شاھ مجموعي طور تي 16 سال ھڪ مھينو 26 ڏينھن خدمتون انجام ڏنيون، جڏھن تہ جسٽس اطھر من اللھ 11 سال 4 مھينا 24 ڏينھن ملازمت ڪئي.

نومبر 2025 ۾ جسٽس منصور علي شاهہ ۽ جسٽس اطهر من الله 27هين آئيني ترميم خلاف احتجاج طور استعيفائون ڏنيون ھيون، ٻنهي ججز جو موقف هو تہ ھن ترميم عملي طور تي سپريم ڪورٽ جي اختيارن کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي، موجودہ حڪومت ٻنهي جج صاحبان جي استعيفائن کي تنقيدي ۽ لاپرواھي واري انداز ۾ ورتو، ان کي اصولي موقف بدران ذاتي يا سياسي ردعمل قرار ڏنو۔

صدر آصف علي زرداري 14 نومبر 2025 تي باضابطا طور تي ٻنھي ججز جون استعيفائون منظور ڪيون، ريٽائرڊ جج صاحبان کي سپريم ڪورٽ کانپوءِ ڏنل مراعتن ۽ سهولتن جي فهرست ڏنل آهي، ريٽائرڊ ججز استعمال ٿيل سرڪاري گاڏي گهٽ قيمت تي خريد ڪري سگهن ٿا، انهن کي اسٽاف ڪار يا ڊرائيور، ارڊرلي بہ فراهم ڪيو ويندو آھي……..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں