پاڪستان ۾ 2025ع دوران دھشتگردي جي ڪاررواين ۾ 34 سيڪڙو واڌ رڪارڊ

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: پاڪستان ۾ 2025 دوران دھشتگردي جي ڪاررواين ۾ 34 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آھي،رڪارڊ سطح تي دهشتگرد مارڻ جي باوجود  پاڪستان ۾ 2025ع ۾ دهشتگردي ۾ وڏي واڌ ڏٺي وئي آهي، ملڪ ۾ 699 دهشتگرد حملا رڪارڊ ڪيا ويا، جن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 1,034 ماڻهو مارجي ويا ۽ ھڪ ھزار 336 ڄڻا زخمي ٿيا، جيڪو ملڪ ۾ عسڪريت پسندي جي وڌندڙ رجحان جي عڪاسي ڪري ٿو، جيڪا 2021 ۾ افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت اچڻ کان پوءِ جاري آهي.

ھي ڄاڻ اسلام آباد ۾ قائم پاڪ انسٽيٽيوٽ فار پيس اسٽڊيز پاران جاري ڪيل “پاڪستان سيڪيورٽي رپورٽ 2025” ۾ ظاھر ٿي.

رپورٽ موجب، خيبرپختونخوا کان بلوچستان تائين عسڪريت پسندن جون نيون حڪمت عمليون ۽ سرحدي ڇڪتاڻ ملڪ ۾ سيڪيورٽي چئلينج کي وڌائي رھيون آهي، دھشتگردي سبب سيڪيورٽي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا 437 اھلڪار شھيد ٿيا، حملن ۾ 354 عام شھري شھيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا، جڏھن تہ حملن دوران آپگھاتي بمبارن سميت 243 دھشتگرد مارجي ويا .

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تہ گهڻا حملا علائقائي سطح تي محدود رھيا، جن مان 95 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪارروايون خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ ٿيون.

خيبرپختونخوا

2025 ع۾ صوبي ۾ دهشتگردي جا 413 واقعا پيش آيا، جن ۾ 581 ماڻهو شھيد ۽ 698 زخمي ٿيا، صوبي ۾ پابندي مڙھيل تنظيم ٽي ٽي پي ۽ ان جي اتحادي گروھن جي مضبوط موجودگي ظاھر ٿي، آزاديءَ جي ڏينهن 11 ضلعن ۾ هڪجهڙا حملا رياستي رٽ لاءِ هڪ چيلنج ھو.

بلوچستان

2025ع دوران بلوچستان ۾ 254 حملا ٿيا، جن ۾ 419 ڄڻا شھيد ۽ 607 ڄڻا زخمي ٿيا، حملن ۾ 26 سيڪڙو واڌ ۽ وڌيڪ اثرائتي ڪاررواين جو رجحان ظاھر ٿيو، پابندي مڙھيل تنظيم بي ايل اي ۽ بي ايل ايف شاھراھون بند ڪرڻ ۽ ھاءِ جيڪنگ جھڙيون ڪارروايون ڪيون، جنھن سان معاشي ڍانچي ۽ سرڪاري نمائندن کي نشانو بڻايو ويو.

سنڌ  

سنڌ صوبي ۾ 21 حملا ٿيا، جن مان 16 ڪراچي، 2 شڪارپور، حيدرآباد، جيڪب آباد ۽ ڄامشورو ۾ ھڪ ھڪ حملو ٿيو، حملن ۾ 14 ڄڻا مارجي ويا ۽ 17 زخمي ٿيا.

پنجاب

پنجاب صوبي ۾ 2025ع ۾ دوران 7 حملا ٿيا، جيڪي گذريل سال جي 11 حملن جي مقابلي ۾ گهٽ آهن، حملن ۾ 5 ماڻهو مارجي ويا

اسلام آباد

اسلام آباد ڊسٽرڪٽ ۽ سیشنز ڪورٽ جي عدالتي ڪامپليڪس جي ٻاهر آپگھاتي ڌماڪي ۾ 12 ماڻھو مارجي ويا، حملي جي ذميواري پابندي مڙھيل تنظيم ٽي ٽي پي جي هڪ ڌڙي قبول ڪئي.

گلگت بلتستان

سال 2025ع دوران صوبي 3 حملا رپورٽ ٿيا، جن مان ٻہ ديامير ۽ هڪ گلگت ۾ ٿيو، حملن ۾ 3 سيڪيورٽي اھلڪار شھيد ۽ 6 اھلڪار زخمي ٿيو

عسڪريت پسند گروھن ۽ مذهبي بنياد تي تشدد

ملڪ ۾ 2025 ۾ 699 حملا مان 454 حملا مذهبي بنياد تي سرگرم گروھن ڪيا، جيڪي 2024ع جي 335 حملن جي مقابلي ۾ گهڻو وڌيڪ آهن، حملن ۾ 679 ماڻھو مارجي ويا 881 زخمي ٿيا……

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں