انمول عرف پنڪي خلاف منشيات جي ڪيسن ۾ ڪراچي جي جوڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت کان جاچ آفيسر جيل ۾ قيد ملزمه جي آواز جو نمونو رڪارڊ ڪرڻ لاءِ اجازت طلب ڪري ورتي آهي.
جاچ آفيسر موجب جاچ دوران ملزمه جا ڪيترائي وائس نوٽ مليا آهن، پر ملزمه انهن وائس نوٽس جي تصديق ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي.
جاچ آفيسر جو چوڻ آهي ته منشيات ڪيسن جي تحقيق ۾ وائس نوٽس اهم ثبوت هوندا آهن، تنهنڪري ملزمه جي آواز ۽ وائس نوٽس جو فرانزڪ ڪرڻ ضروري آهي۔
سندن چوڻ آهي ته فرانزڪ ذريعي وائس نوٽس جي اصل هجڻ جي تصديق ٿي سگهي ٿي.
ان کان اڳ ڪراچي جي جوڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ملزمه انمول عرف پنڪي ۽ ٻين خلاف منشيات ۽ غير قانوني هٿيارن جي ڪيسن ۾ جاچ آفيسر کي چالان پيش ڪرڻ لاءِ مهلت ڏني هئي.
خميس تي عدالت درخواست منظور ڪندي ڪيسن جي ٻڌڻي 8 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي هئي۔