پاڪستان جي مڃيل مرحوم اداڪار شفيع محمد شاهه جي خاندان تي هڪ ٻيو وڏو صدمو اچي پيو آهي، جتي مرحوم اداڪار جي ڌيءَ ارسلانه محمد شاهه اوچتو دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري وئي آهي.
هي افسوسناڪ خبر مرحوم شفيع محمد شاهه جي ٻي ڌيءَ سوشل ميڊيا تي هڪ جذباتي پيغام ذريعي مداحن تائين پهچائي. سندس مطابق ارسلانه محمد شاهه اوچتو هارٽ اٽيڪ سبب هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو.
ارسلانه محمد شاهه ميڊيا انڊسٽري سان پڻ لاڳاپيل هئي ۽ هن مختلف ٽي وي چينلن ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ۽ ڊائريڪٽر طور خدمتون انجام ڏنيون. پر سندس ڀيڻ موجب ارسلانه جي اصل سڃاڻپ سندس پيشه ورانه ڪاميابيون نه، پر سندس نرم دل، انسان دوست ۽ همدرد طبيعت هئي۔
هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته ارسلانه سيٽ تي ڪم ڪندڙ هر ماڻهو سان عزت ۽ محبت سان پيش ايندي هئي. هوءَ ضرورت مند ماڻهن جي خاموشي سان مدد ڪندي هئي، ماڻهن کي نوڪريون وٺرائيندي هئي ۽ ڪڏهن به ڪنهن صلي يا تعريف جي خواهش نه رکندي هئي.
پنهنجي ڀيڻ کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي هن لکيو ته اسان صرف هڪ ڀيڻ نه وڃائي آهي، پر انسان جي روپ ۾ هڪ فرشتو وڃائي ڇڏيو آهي. ارسلانه پنهنجي پٺيان پنهنجي پياري ڌيءَ ام البنِين ڇڏي وئي آهي، جيڪا هميشه پنهنجي ماءُ جي محبت ۽ روشنيءَ جو عڪس بڻجي زنده رهندي۔
واضح رهي ته شفيع محمد شاهه پاڪستان ٽيلي ويزن جي انهن عظيم فنڪارن ۾ شمار ٿئي ٿو، جن “آخري چٽان”، “آنچ”، “تيرا ڪنارا”، “بند گلاب”، “چاند گرهڻ”، “تپش”، “زينت”، “نوري ڄام تماچي”، “جنگل”، “ذرا سي عورت” ۽ “تلاش” جهڙن يادگار ڊرامن ۾ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا.هو 17 نومبر 2007ع تي 58 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو ھو ۔