گلگت بلتستان وسيلن  سان مالامال آهي، 7 جون کان پوءِ نوجوانن کي نوڪريون ڏينداسين: بلاول

فہرستِ مضامین

گلگت (بيورورپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان گلگت بلتستان جي عوام کي حقِ حاڪميت ڏيارڻ چاهيون ٿا، ۽ پيپلز پارٽي گذريل ٽن نسلن کان ان جدوجهد ۾ شامل آهي.

هن گلگت ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته گلگت بلتستان قدرتي وسيلن سان مالامال خطو آهي. 7 جون کان پوءِ علائقي جي نوجوانن لاءِ نوڪرين جا در کوليا ويندا.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو گذريل چونڊن دوران به گلگت آيو هو ۽ هر تحصيل ۾ پارٽي جو منشور پيش ڪيو هو. سندس چوڻ موجب گلگت بلتستان جي عوام پيپلز پارٽي کي سڀ کان وڌيڪ ووٽ ڏنا.

هن الزام لڳايو ته “فارم 45” تحت کين سڀ کان وڌيڪ ووٽ مليا هئا، پر گذريل چونڊن ۾ سندن مينڊيٽ تي ڌاڙو هنيو ويو. هن چيو ته هن ڀيري هو آصفه ڀٽو سان گڏ آيو آهي ۽ عوام کي يقين ڏياريو ته ڪنهن به قسم جي ناانصافي کي برداشت نه ڪيو ويندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں