پيٽروليم شين تي ليوي ختم نه ڪئي وئي ته هڙتال ڪنداسين: حافظ نعيم الرحمٰن

فہرستِ مضامین

جماعتِ اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمٰن چيو آهي ته جيڪڏهن پيٽروليم شين تي ليوي ختم نه ڪئي وئي ته هڙتال جو سڏ ڏينداسين.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته حڪومت هر جمعي تي هڪ نئون بجيٽ جاري ڪري ٿي، پر پنهنجي عياش خرچن کي گهٽائڻ لاءِ تيار ناهي.

حافظ نعيم الرحمٰن چيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ هر طبقي جي ماڻهن لاءِ ظلم آهي، حڪومت پنهنجي نااهلي ۽ ڪرپشن لڪائڻ لاءِ قيمتون وڌائي ٿي۔

جماعتِ اسلامي جي امير جو چوڻ آهي ته حڪومت آءِ ايم ايف جي سهاري ٽيڪس وصول ڪري رهي آهي، پيٽروليم ليوي لڳائڻ ڪنهن ظلم کان گهٽ ناهي، ۽ عوام کان اڄ به 105 رپيا ليوي وصول ڪئي پئي وڃي.

هن چيو ته حڪومت تعليمي ادارن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، ۽ عوام جون طبي سهولتون به کسي ورتيون ويون آهن.

حافظ نعيم الرحمٰن وڌيڪ چيو ته حڪومت ماڻهن کي پاڻ ۾ وڙهائڻ بدران مقامي حڪومتون قائم ڪري ۽ بااختيار شهري حڪومت ٺاهڻ طرف اچي.

جماعتِ اسلامي جي امير اهو به چيو ته اسرائيل اڄ به معصوم ٻارن ۽ بي گناهه شهري ماڻهن کي شهيد ڪري رهيو آهي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں