اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ نئين تبديلي ڪندي پيٽرول جي قيمت ۾ 4 رپيا في لٽر لاٿ جو اعلان ڪيو آهي
موٽر اسپرٽ (پيٽرول) جي قيمت ۾ 4 رپيا في لٽر گهٽتائي ٿيڻ کانپوءِ نئين قيمت: 377 رپيا 78 پئسا في لٽر ٿي وئي آهي.
اڳوڻي قيمت: 381 رپيا 78 پئسا في لٽرهئي.جڏھن ته ڊيزل جي ساڳئي قيمت برقراررکي وئي آهي، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت به ساڳئي برقراررکي وئي آهي.
نيون قيمتون 6 جون 2026 کان لاڳو ڪيون ويون آهن.
حڪومت جي نئين فيصلي تحت حڪومت پاران پيٽرول جي قيمت ۾ 4 رپيا في لٽر لاٿ کي عوام لاءِ محدود پر اهم رليف قرار ڏنو پيو وڃي۔ جڏھن ته عوامي حلقن ۽ ٽرانسپورٽرن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته پيٽرول جي في ليٽر قيمت ٽي سئو رپين کان گهٽ ڪئي وڃي.