ڪراچي ۾ ڊبل ڊيڪر بس سروس جو افتتاح، ڀاڙو ڪيترو ھوندو؟

فہرستِ مضامین

ڪراچي: سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ ۽ مڪاني کاتي واري وزير ناصر حسين شاهہ ڪراچي ۾ ڊبل ڊيڪر بس سروس جو افتتاح ڪري ڇڏيو۔

ان موقعي تي عملدارن شرجيل انعام ميمڻ کي بسن جي خاصيتن بابت بريفنگ پڻ ڏني، جڏھن تہ شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو تہ اسان عوام سان ڊبل ڊيڪر بسن جو واعدو ڪيو هو، اهڙا منصوبا آڻي رھيا آهيون جن سان وڌيڪ کان وڌيڪ ماڻهن کي فائدو پهچي۔

شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو تہ ڊبل ڊيڪر جو روٽ 22 ڪلوميٽر تي ٻڌل آهي ۽ ان جو ڀاڙو 80 کان 120 رپيا هوندو، ڊبل ڊيڪر بس سروس شروعاتي طور ملير کان شاراھ فيصل تائين هلائي ويندي، ڪوشش آهي تہ سڀني روڊن تي ڊبل ڊيڪر بسون نظر اچن۔

ھن چيو تہ بسن جي ڀاڙن ۾ سبسڊي ڏئي رھيا آهيون، روزانو بنيادن تي عوام لاءِ سهولتون وڌائي رھيا آهيون، ڪوشش آهي تہ نئين سال ۾ ٽرانسپورٽ جون سهولتون سموري سنڌ ۾ مهيا ڪيون ۔

صوبائي وزير ٻڌايو تہ پيپلزبس سروس ذريعي هڪ لک ويهہ هزار ماڻهو روزانو سفر ڪري رھيا آهن، جڏھن تہ گرين لائين بس سروس تي 65 هزار ماڻهو سفر ڪري رھيا آهن، ريڊ لائين، بي آر ٽي تي ٻيهر ڪم شروع ٿي ويو آهي۔

صوبائي وزير جو چوڻ هو تہ ڪراچي جي روڊن لاءِ سڀ ماڻهو گڏجي ڪم ڪري رھيا آهن، صنعتي علائقن لاءِ 9 ارب رپيا بجيٽ مختص ڪئي وئي آھي، جڏھن تہ شاهراهِ ڀٽو اسٽِيٽ آف دي آرٽ جو تحفو عوام کي ڏنو ويو آهي…۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں