سنڌ ۾ سولر انرجي پروجيڪٽ ۾ اربين رپين جي بي قاعدگين جو انڪشاف

فہرستِ مضامین

اسلام آباد : سنڌ ۾ 27 ارب رپين جي سولر انرجي منصوبي ۾ اربين رپين جي بي قاعدگين جو انڪشاف ٿيو آهي۔

سينيٽر سيف الله ابڙو جي صدارت ۾ سينيٽ جي اقتصادي مامرن بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، اجلاس سنڌ اندر 27 ارب رپين جي سولر انرجي منصوبي ۾ وڏي پيماني تي بي ضابطگين جو انڪشاف ڪيو ويو .

سنڌ جي پلاننگ ڊويزن جي عملدارن آگاھي ڏيندي چيو تہ منصوبي ۾ اربين رپين جي ڪرپشن جا ثبوت مليا آھن، منصوبي جون 2 ڀيرا انڪوائريون مڪمل ڪيون ويون آھن، ھي اين جي اوز تحت منصوبو ڏنو ويو ھو، جنھن تحت غريب ماڻھن کي سولر پينل ملڻا ھئا، ھن ۾ وڏي پئماني تي بي قائدگيون ٿيون آھن.

سينيٽر ڪامل علي آغا چيو تہ غريب جو پيسو هڙپ ڪرڻ وڏو ظلم ۽ سنگين ڏوھ آهي۔

سيف الله ابڙو چيو تہ اين جي اوز جي چونڊ بغير ٽينڊر جي ڪئي وئي، 21 هزار ۾ ملندڙ پينل 60 هزار ۾ خريد ڪيو ويو، پنهنجن ماڻهن کي نوازڻ لاءِ سمورو منصوبو تيار ڪيو ويو۔

ڪميٽي ايندڙ اجلاس ۾ مڪمل رڪارڊ سان گڏ سيڪريٽري کي ٻيهر طلب ڪري ورتو۔…

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں