لاڙڪاڻو : پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آھي تہ تعليم جي اھميت کان انڪار نٿو ڪري سگھجي، سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ بھتري جي گنجائش آھي.
شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي 7 ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي هن چيو تہ اڄ رڳو سندون ورھائڻ جو ڏينهن نہ آهي، پر بغير رنڊڪ جي علاج جي فراهمي جو ڏينهن آهي، ڊگري مڪمل ڪندڙ شاگردن کي عملي زندگي ۾ قوم جي خدمت ڪرڻي آھي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ توھان کي پنهنجي صوبي جي مختلف علائقن ۾ خدمتون انجام ڏڻيون آهن، ڏکئي وقت ۾ ڊاڪٽر ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف قوم سان گڏ بيٺل رھندا آهن، توھان کي بغير ڪنهن فرق جي انسانيت جي خدمت ڪرڻي آھي.
پ پ چئيرمين چيو تہ اسان کي صحت جي شعبي ۾ مڪمل تيار رھڻ گهرجي، ملڪ جڏھن بہ ڪنهن دٻاءُ جو شڪار ٿيو تہ ڊاڪٽر ۽ نرسن ھر اول دستي جو ڪردار ادا ڪيو.
ھن چيو تہ ادارا رڳو عمارت ۽ جديد مشينري سان ڪامياب ناھن ٿيندا، جڏھن اوھان ايندا ۽ ڪم ڪندا تہ ادارا ڪامياب ٿيندا، توھان کي سٺو ڊاڪٽر ٿيڻ سان گڏ سٺو انسان بڻجڻ لاءِ بہ محنت ڪرڻي آهي.
هن چيو تہ لاڙڪاڻو رڳو هڪ شهر نہ آهي، پر هي ناانصافي خلاف مزاحمت جي علامت آهي.
چئيرمين پيپلزپارٽي چيو تہ صحت جي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ خانگي شعبي سان گڏجي ڪم ڪري رھيا آهيون.
بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ “هيلٿ ڪير سسٽم ۾ بھتري ترجيح آهي، 18هين ترميم کانپوءِ سنڌ ۾ صحت جي شعبي ۾ واضح قدم کنيا ويا.
بلاول ڀٽو جا ٿورائتا آھيون، جنھن پنھنجي والدہ جو خواب پورو ڪيو: مراد علي شاھ
ان موقعي تي ڳالھائيندي مراد علي شاه چيو تہ بينظير ڀٽو 1989 ۾ يونيورسٽي جو خواب ڏٺو هو جيڪو 2009 ۾ مڪمل ٿيو، چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي بنياد 1973 ۾ رکي وئي هئي.
هن چيو تہ بلاول ڀٽو زرداري جا ٿورائتا آھيون جنھن پنهنجي والدہ جو خواب پورو ڪيو، ڊاڪٽرن جي ڪميٽمينٽ سان علاج ممڪن آهي، صرف انفرا ا سٽرڪچر سان علاج ممڪن ناهي.
مراد علي شاه جو چوڻ هو تہ هي ڊگري رڳو توھان جي نہ پر ان مريضن جي اميد آھي جن جو اوھان علاج ڪندا…….