اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ رٽائرڊ جنرل فيض حميد ملٽري ڪورٽ پاران ٻڌايل سزا خلاف اپيل داخل ڪري ڇڏي آهي.
پرڏيھي خابرو اداري جي رپورٽ موجب فيض حميد جي وڪيل ملٽري ڪورٽ پاران ڏنل سزا خلاف اپيل داخل ڪرڻ جي تصديق ڪئي آهي.
فيض حميد جي وڪيل ميان علي اشفاق وڌيڪ وڌيڪ تفصيل ٻڌائڻ کانسواءِ ٻڌايو تہ اسان فوجي عدالت پاران ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد کي ٻڌايل سزا خلاف اپيل داخل ڪئي آھي، اپيل رجسٽرار ڪورٽ آف اپيلز، اي جي برانچ ۽ چيف آف آرمي اسٽاف وٽ جمع ڪرائي آهي.
رپورٽ موجب پاڪستان آرمي ايڪٽ جي سيڪشن 133 بي تحت، فيض حميد وٽ فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل (ايف جي سي ايم) جي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪرڻ لاءِ 40 ڏينهن جو وقت هو.
اپيل جو جائزو سڀ کان پهريان ڪورٽ آف اپيلز ذريعي ورتو ويندو آهي، جنهن جي صدارت هڪ ميجر جنرل يا ان کان مٿي جو آفيسر ڪندو آهي، جيڪو آرمي چيف طرفان نامزد ڪيو ويندو آهي، ان کانپوءِ آرمي چيف وٽ سزا، ان تي نظرثاني يا ان کي رد ڪرڻ جو اختيار هوندو آهي.
11 ڊسمبر تي آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو ھو تہ اڳوڻي ليفٽننٽ جنرل فيض حميد کي 14 سال سخت پورھئي واري سزا ٻڌائي وئي آھي
بيان ۾ چيو ويو هو تہ جوابدار تي سياسي سرگرمين ۾ ملوث ھجڻ، رياست جي تحفظ ۽ مفاد لاءِ نقصانڪار آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي، اختيارن ۽ سرڪاري وسيلن جو غلط استعمال ۽ ماڻهن کي غلط طريقي سان نقصان پهچائڻ بابت 4 الزامن تحت ڪيس هليو.
آءِ ايس پي آر چيو هو تہ ڊگهي قانوني ڪارروائي کانپوءِ جوابدارن کي سڀني الزامن ۾ ڏوھي قرار ڏنو ويو، عدالت 14 سال قيد جي سزا ٻڌائي، جيڪا 11 ڊسمبر 2025 تي ٻڌائي وئي.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو تہ فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل سڀني قانوني گھرجن کي پورو ڪيو، جوابدار کي پنهنجي پسند جي دفاعي ٽيم سميت سڀئي قانوني حق فراهم ڪيا ويا ۽ جوابدار کي لاڳاپيل فورم تي اپيل جو حق حاصل آهي.
آءِ ايس پي آر چيو ھو تہ سياسي عنصرن سان گڏجي سياسي ڏڦيڙ، عدم استحڪام پيدا ڪرڻ ۽ ٻين ڪجھہ معاملن ۾ جوابدار جي ملوث ھجڻ جا معاملا الڳ اڪلايا پيا وڃن، جوابدار جي سياسي عنصرن سان ملي ڀڳت، سياسي افراتفري ۽ عدم استحڪام جا معاملا الڳ ڏٺا پيا وڃن.
بيان ۾ چيو ويو هو تہ 12 آگسٽ 2024 تي پاڪستان آرمي ايڪٽ تحت فيض حميد خلاف ڪورٽ مارشل جو عمل شروع ڪيو ويو ۽ ڪورٽ مارشل فيض حميد کي 14 سال سخت پورھئي جي سزا ٻڌائي.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو تہ اڳوڻي ليفٽننٽ جنرل فيض حميد خلاف ڪورٽ مارشل جو عمل 12 آگسٽ 2024 تي شروع ٿيو ۽ 15 مهينا جاري رھيو …..