اڄ پاڪستان جي ڪاميابي ٿي، پي آءِ اي کي ٻيھر عظيم بڻائڻ لاءِ محنت ڪنداسين: عارف حبيب

فہرستِ مضامین

اسلام آباد : عارف حبيب گروپ جي چيئرمين عارف حبيب چيو آهي تہ اڄ پاڪستان جي فتح ٿي آهي، پي آءِ اي کي ٻيهر عظيم بڻائڻ لاءِ محنت ڪنداسين.

اسلام آباد ۾ عارف حبيب ڪنسور شيم پاران قومي ايئر لائن پي آءِ اي کي خريد ڪرڻ لاءِ 135 ارب رپين جي ڪامياب واڪ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي عارف حبيب چيو تہ اڄ جي نجڪاري سان ملڪ ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ملندي ۽ ٻاهرين ملڪن مان سيڙپڪار بہ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪندا۔

عارف حبيب چيو تہ سموري عمل جو ڪريڊٽ پرائيويٽائيزيشن ڪميشن ۽ ڪابينا ڏانھن وڃي ٿو۔هن چيو تہ هو هن ايئرلائن کي ٻيهر عظيم بڻائڻ لاءِ محنت ڪندا، جنهن سان پاڪستان جي معيشت کي بہ فائدو ٿيندو، کيس لڳي ٿو تہ ھن سان نجڪاري جا ٻيا رستا بہ کلندا، پرائيويٽائزيشن ڪميشن شفاف طريقي سان سمورو عمل مڪمل ڪيو

ياد رھي تہ عارف حبيب ڪنسورشيم قومي ايئر لائن جي نجڪاري لاءِ ٻولي جي ٽئين مرحلي ۾ 135 ارب رپين جي ٻولي لڳائي ۽ پي آءِ اي جا 75 سيڪڙو شيئرز خريد ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

نجڪاري بابت صلاحڪار محمد علي چيو تہ قومي ايئرلائن جي نجڪاري سڌارن واري ايجنڊا جو حصو آھي، حڪومت جو مقصد قومي ايئر لائن کي وڪڻڻ نہ پر ان کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ آهي، قومي ايئر لائن جي نجڪاري سان ملڪ ۾ سيڙپڪاري ايندي.

نجڪاري ڪميشن بابت صلاحڪار موجب حڪومت چاھي ٿي تہ قومي ايئرلائن ماضي وانگر ٻيھر بھتر ٿئي، ٻولي مان حاصل ٿيل رقم جو 92.5 سيڪڙو حصو قومي ايئرلائن جي بھتري تي خرچ ٿيندو…..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں