اھم منصوبن تي مارچ تائين ڪم شروع ٿيندو، چاهيون ٿا ڪراچي جا شهري هر شعبي ۾ ترقي جي تبديلي محسوس ڪن: شرجيل ميمڻ

فہرستِ مضامین

ڪراچي: سنڌ جي سينئر وزير وزير شرجيل ميمڻ چيو آھي تہ سنڌ حڪومت ڪراچي کي نہ رڳو سنڌ پر پوري پاڪستان جو سڀني کي ترقي يافتھ ۽ جديد شھر بڻائڻ لاءِ پرعزم آھي، سنڌ حڪومت ڪراچي جي ترقي لاءِ ڏينھن رات ڪم ڪري رھي آھي، ڪراچي جي ترقي سنڌ حڪومت جي پھرين اوليت آھي.

ھڪ بيان ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ شھر جي بنيادي ڍانچي، تعليم، صحت ۽ ٻين اھم شعبن تي ڪم جاري آھي تھ جيئن ڪراچي کي ھڪ جديد، جٽادار ۽ شموليتي شھر بڻائي سگھجي، ڪراچي جي روڊن ۽ ٽريفڪ جي بنيادي ڍانچي کي بھتر بڻائڻ لاءِ مجموعي طور تي 194 ارب رُپين جي سيڙپڪاري ڪئي وئي آھي. 

ھن چيو تہ ٽريفڪ جي بنيادي ڍانچي کي بھتر بڻائڻ لاءِ شاھراھھ ڀٽو ڪوريڊور، ملير ندي پُل ۽ مختلف انڊر پاسز ۽ فلائي اوورز تي ڪم جاري آھي، شاھراھ ڀٽو، ملير ندي پُل ۽ انڊر پاسز ۽ فلائي اوورز جا منصوبا ٽريفڪ جي دٻاءُ کي گھٽائڻ ۾ مدد ڏيندا ۽ شھري جي مجموعي آمدورفت ۾ تيزي ايندي.

سندس چوڻ  ھو تہ ڪراچي جي اھم منصوبن تي ڪم مارچ تائين شروع ٿي ويندو، معيار ۽ وقت جي پابندي کي ھر صورت ۾ يقيني بڻايو ويندو، ڪراچي ۽ ٻين وڏن شھرن ۾ 9 دسٽرڪٽ ھيڊڪوارٽرز اسپتالن جي توسيع ۽ نوان ميڊيڪل ڪاليج قائم ڪرڻ لاءِ 300 ارب رُپيا رکيا ويا آھن، 155.34 ارب رُپيا  ريڊ لائن، يلو لائن ۽ گرين لائن بي آر ٽي منصوبن لاءِ رکيل آھن.

سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ اسان چاھيون ٿا تھ ڪراچي جا شھري ھر شعبي ۾ ترقي جي تبديلي محسوس ڪن، اسان جو ھر منصوبو، ھر رُپيو، ڪراچي جي شھرين جي زندگين ۾ بھتري، سھولتون ۽ خوشحالي آڻڻ لاءِ آھي، ڪراچي جي لاءِ حڪمت عملي ۾ جٽادار بنيادي ڍانچو، معياري تعليم، صحت جون بھترين سھولتون، جديد ماس ٽرانزٽ، صاف پاڻي ۽ محفوظ ھائوسنگ شامل آھي……

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں