ڪرڪ ۾ پوليس موبائل تي فائرنگ، 5 اھلڪار شھيد، جوابي ڪارروائي  8 دھشتگرد مارجي ويا

فہرستِ مضامین

ڊيرا اسماعيل خان: ڪرڪ جي علائقي بامي بانڊہ گرگري ويجھو پوليس موبائيل تي حملو ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 5 اهلڪار شهيد ٿي ويا.

ڊسٽرڪٽ پوليس ڪرڪ ۽ سي ٽي ڊي ڪوھاٽ ريجن جي آفيسرن ۽ جوانن موقعي تي پھچي دھشتگردن جو پيڇو ڪيو، شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 8 دھشتگرد مارجي ويا.

مارجي ويل دھشتگردن مان ھڪ جي سڃاڻپ عارف عرف ڊان جي نالي سان ٿي جيڪو علائقي ۾ دھشتگردي جي سرگرمين ۾ ملوث ۽ گھربل ھو.

شهيد اهلڪارن ۾ شاهد زمان، صفدر، عارف، سميع اللھ، صفدر ۽ محمد ابرار شامل آھن

پوليس پاران دھشتگردن جي سھولتڪارن خلاف گھيرو تنگ ڪيو ويو آھي ۽ علائقي ۾ وڌيڪ سرچ آپريشن جاري آھي.

ڊي پي او ڪرڪ سعود جو چوڻ هو تہ شاهديون گڏ ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي، واقعي جي هر رخ کان جاچ ڪئي پئي وڃي.

وزيراعظم شهباز شريف ڪرڪ ۾ پوليس جي گاڏي تي فائرنگ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي 5 پوليس اهلڪارن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي لاءِ دعا ڪئي، هن شهيدن جي گهر ڀاتين سان تعزيت جو اظهار پڻ ڪيو.

وزيراعظم چيو تہ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پوليس هميشہ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، قوم شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهيون.

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پوليس گاڏي تي فائرنگ جي واقعي جي سخت مذمت ڪندي 5 پوليس اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو.

هن  فرض جي رستي ۾  حياتيون قربان ڪندڙ شهيد پوليس اهلڪارن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو، جڏھن تہ شهيد پوليس اهلڪارن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں