اسلام آباد : وزيراعظم شھباز شريف ڀارت خلاف ايشيا ڪپ ۾ شاندار ڪاميابي تي قومي انڊر 19 ٽيم جي اعزاز ۾ آجياڻو ڏنو.
ذريعن موجب فائنل ۾ ڪاميابي تي وزيراعظم قومي انڊر 19 جي ھر رانديگر لاءِ 1-1 ڪروڙ رپين جو اعلان ڪيو آھي، وزيراعظم شھباز شريف سمورن رانديگرن جي پاڻ آجيان ڪئي ۽ هر هڪ رانديگر سان الڳ الڳ هٿ ملائي سلام ڪيو۔
وزيراعظم انڊر 19 ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن ۽ مئنجيمنٽ کي ڀارت خلاف شاندار ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني، ان موقعي تي پي سي بي چيئرمين محسن نقوي ۽ وفاقي وزير بہ موجود ھئا.
وزيراعظم چيو تہ انڊر 19 ٽيم قوم جو ڳاٽ اوچو ڪيو آھي، ايتري وڏي مارجن تان ڪاميابي محنت جو نتيجو آھي، ھن سمورن رانديگرن، مئنجمينٽ ۽ سپورٽنگ اسٽاف کي بہ مبارڪباد پيش ڪئي.
فائنل ميچ ۾ شاندار ڪارڪردگي تي وزيراعظم خاص طور تي سمير منھاس کي شاباس ڏني، ان موقعي تي پي سي بي چيئرمين محسن نقوي بہ ٽيم ۽ مئنجيمنٽ کي مبارڪباد ڏني.
ياد رھي تہ انڊر 19 ٽيم گذريل ڏينھن ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ روايتي حريف ڀارت کي 191 رنس جي وڏي مارجن تان شڪست ڏني ھئي.
ياد رھي تہ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي بہ قومي انڊر 19 ٽيم جي ھر رانديگر کي 50 لک رپيا انعام ڏيڻ جو اعلان ڪري چڪو آھي……..