رياست کانسواءِ ڪو بہ جھاد جو حڪم يا فتويٰ نٿو ڏئي سگھي: چيف آف ڊفينس فورسز

فہرستِ مضامین

چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير چيو آھي تہ رياست کانسواءِ ڪو بہ جھاد جو حڪم يا فتويٰ نٿو ڏئي سگھي.

چيف آف ڊفينس فورسز، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير قومي علماءَ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو تہ افغان طالبان جي پٺڀرائي سان دهشتگردي ذريعي اسان جي معصوم شهرين ۽ ٻارن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، جڏھن تہ فتنہ الخوارج جون جيڪي جي ڪاررواين ۾ 70 سيڪڙو افغان شامل آهن۔

فيلڊ مارشل ملڪ کي چيلينجز، دهشتگردي، قومي سلامتيءَ جي معاملن، گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي اُڀرندڙ ڪردار، جنگي تيارين ۽ علم جي اهميت تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون۔

فيلڊ مارشل قرآنِ پاڪ جون آيتن جو حوالو ڏيندي پاڪستان بابت پنهنجو واضح نقطا  نظر پيش ڪيو ۽ چيو ته الله تعاليٰ اسلامي ملڪن ۾ محافظينِ حرمين جو شرف پاڪستان کي عطا ڪيو آهي.

فيلڊ مارشل چيو تہ رياستِ طيبہ ۽ رياستِ پاڪستان جو قيام ڪلمي طيبہ جي بنياد تي رمضان شريف جي بابرڪت مھيني ۾ ٿيو، جڏھن تہ آپريشن بنيان المرصوص دوران الله پاڪ جي مدد ايندي ڏٺي ۽ محسوس ڪئي ۔

فيلڊ مارشل چيو تہ ڪنهن بہ اسلامي رياست ۾ رياست کانسواءِ ڪو بہ جهاد جو حڪم يا فتويٰ جاري نٿو ڪري سگهي، افغان طالبان جي پٺڀرائي سان دهشتگردي ذريعي اسان جي معصوم شهرين ۽ ٻارن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، افغانستان مان ٿيندڙ دھشتگردي ۾ 70 سيڪڙو افغان شامل آهن۔…….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں