اسلام آباد : تحريڪ تحفظ آئین پاڪستان جي قومي ڪانفرنس ۾ سياسي اڳواڻن، وڪيلن، صحافين اتفاق ڪيو آهي تہ پي ٽي آءِ کي مفاهمت جي بدران مزاحمت جو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ ان جو ساٿ ڏيڻ گهرجي۔
اپوزيشن تحريڪ تحفظ آئین پاڪستان تحت قومي ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ سياسي پارٽين جي اڳواڻن، وڪيلن، صحافين، دانشورن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي۔
سياسي اڳواڻن آئيني ترميمون رد ڪيون ۽ پارليامينٽ کي بي اختيار بڻائڻ جي مذمت ڪئي، وڪيلن عدليہ کي بي حيثيت ڪرڻ ۽ صحافين پيڪا ايڪٽ جي خلاف آواز اٿاريو، شرڪت ڪندڙن اسٽيبلشمينٽ جي خلاف مفاهمت بدران مزاحمت ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ۽ پي ٽي آءِ کي مشورو ڏنو تہ اها مفاهمت بدران مزاحمت جو رستو اختيار ڪري، اسان ساٿ ڏينداسين۔
مولانا ۽ نواز شريف ويهن، 8 فيبروري تي جيڪو کٽيو اُن کي مينڊيٽ ڏنو وڃي، اچڪزئي
ڪانفرنس کي خطاب ڪندي تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سربراهہ محمود خان اچڪزئي چيو تہ اچو هڪ ٻئي کي معاف ڪريون، اسان معاف ڪريون ٿا، اچو گڏجي پاڪستان کي هن بربادي مان ڪڍون، اسان جمهوري ڳالھين لاءِ تيار آهيون، جيڪڏھن ڪو ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو تہ عمران خان سان ملاقات جي اجازت ڏني وڃي۔
هن چيو تہ سزائون تہ اوھان ڏئي رھيا آهيو، پر ملاقات تہ فيملي ۽ اڳواڻن جو حق آهي، اهو حق تہ ڏيو، مولانا فضل الرحمان، نواز شريف، جماعت اسلامي سميت سڀ اڳواڻ ويهن ۽ ڳاليھون ڪن، 8 فيبروري جي اليڪشن ۾ جيڪو کٽيو آهي ان کي مينڊيٽ ڏنو وڃي۔
هن وڌيڪ چيو تہ 5309 ارب رپين جي ڪرپشن جي رپورٽ سامهون آئي آهي، اسان جا ادارا اسان جون اکيون ۽ ڪن آهن، اهي پنهنجو ڪم ضرور ڪن، سياست ۾ مداخلت نہ هئڻ گهرجي۔
قربانيون تاريخ جو حصو آهن، حق جدوجهد سان ملندا آھن: جاويد هاشمي
سينئر سياستدان جاويد هاشمي چيو تہ جيل ۽ قربانيون ئي قومن کي آزادي ڏيارينديون آھن، 30 کان 40 سالن جي جدوجهد کانپوءِ آزادي ممڪن ٿي، علماءَ ۽ سياسي ڪارڪنن جون قربانيون تاريخ جو حصو آهن، حق جدوجهد سان ملندا آھن، پوئتي هٽڻ سان نہ، سڀ هڪ آھيون، ورڱاھي جون ڳالھيون قبول ناھن۔
جاويد هاشمي جو چوڻ هو تہ ڪجهه ماڻهو روزانو ٽي وي تي ويهي اسان کي سبق ڏين ٿا، چون ٿا هي ڪيو، اهو ڪيو، اسان هميشہ ڪنڌ لوڏيندا آھيون، اسان چوندا آهيون اچو ڳالھيون ڪيون، پر ڳالھيون اڳتي ناھن وڌنديون، مان ڪنهن تحريڪ يا ٽڪراءُ واري سياست جو حامي نہ آهيان، مان نہ ڪنهن جي توھين ڪرڻ چاهيان ٿو، نہ ڪنهن کي هيٺ ڏيکارڻ مقصد آهي، اسان سڄي زندگي جدوجهد ڪئي آهي.
قوم اسٽريٽ موومينٽ لاءِ تيار رھي، ان کانسواءِ ڪو رستو ناھي، سلمان راجا
سلمان اڪرم راجا چيو تہ اڄ اسان عدالت وياسين ڇو تہ ٻڌڻي هئي، پر اوچتو توشا خانا ٽو جو فيصلو اچي ويو، جنهن جي اميد نہ هئي، هاڻي اسان کي فيصلو ڪرڻو آهي تہ هن جبر کي سهڻو آهي يا نہ، هن معاملي جو تعلق ڪنهن هڪ سياسي جماعت سان نہ پر گڏيل مسئلو آهي، ظلم کي ظلم چوڻو پوندو، اڄ انصاف نٿو ملي ۽ جبر واري نظام کان ڇوٽڪارو حاصل نٿو ٿئي۔
هن چيو تہ قلم 140 تحت اسان جا قدم روڪيا وڃن ٿا، اسان کي گڏجي اڳتي وڌڻو آهي، باني پي ٽي آءِ پيغام ڏنو آهي تہ قوم اسٽرِيٽ موومينٽ لاءِ تيار رھي، ان کانسواءِ ڪو رستو ناهي، اڄ اسان سڀني کي اڳتي وڌڻو آهي، اسين ان غريب سان گڏ آهيون جنهن جي آواز ٻڌڻ وارو ڪو بہ ناهي، اسين اقتدار جي جنگ نٿا وڙھڻ چاهيون، اسان کي اصولن جي جنگ وڙھڻي آهي۔
اسان وٽ هاڻي ڪو بہ آپشن ناھي رھيو، روڊن تي نڪرنداسين، اسد قيصر
اسد قيصر چيو تہ هاڻي اسان وٽ ڪو بہ آپشن ناھي رھيو، هاڻي اسين روڊن تي نڪرنداسين، هاڻي رڳو مزاحمت ٿيندي، جيڪو سمجهي ٿو تہ ڊڄي وينداسين اها سندس ڀل آهي، اسان باني پي ٽي آءِ لاءِ ميرٽ موجب انصاف چاهيون ٿا۔
بدنيتي جي بنياد تي ھٿرادو اڪثريت سان پاس ترميمن کي واپس ڪرائڻو پوندو، لياقت بلوچ
جماعت اسلامي جي اڳواڻ لياقت بلوچ چيو تہ اسان قومي محاذ تي اڻڌري اليڪشن لاءِ هر قومي آواز کي طاقتور بڻائڻ جو ڪردار ادا ڪنداسين، ماضي جي غلطن مان سبق وٺندي قومي ترجيحن جو تعين ٿيڻ گهرجي، قومي ايجنڊا تي سياسي پارٽيون، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي کي گڏ ٿيڻو پوندو، پرامن سياسي جدوجهد طرف اڳتي وڌڻو پوندو، قومي ترجيحن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ايجنڊا متفقہ آئين جو تحفظ ڪرڻ آهي، آئين ۾ بدنيتي جي بنياد تي ھٿرادو اڪثريت سان جيڪي ترميمون ڪيون ويون آهن، انهن کي واپس ڪرائڻو پوندو۔
لياقت بلوچ وڌيڪ چيو تہ ماضي ۾ آمر آئين ٽوڙيندا رھيا ۽ ايمرجنسي لڳي، هاڻي اهو رستو اختيار ڪيو ويو تہ پنهنجي مرضي موجب ٻہ ڀاڳي اڪثريت ٺاهي وئي، پنهنجي خواهشن لاءِ آئين کي بگاڙيو ويو، جج جي سطح تي ورڇ سميت عدليہ جي آزادي متاثر ٿي، عدليہ لاءِ بنيادي انساني حقن جو تحفظ اڻپورو ٿي چڪو آھي.
تحريڪ انصاف مزاحمت جو رستو اختيار ڪري، اسين ساڻس گڏ بيٺل آهيون، ايمان مزاري
وڪيل ايمان مزاري چيو تہ پي ٽي آءِ هن وقت پاڪستان جي سڀ کان مقبول جماعت آهي، ڇاڪاڻتہ عوام عمران خان کي مينڊيٽ ڏنو آهي، تحريڪ انصاف کي پنهنجي پاليسي واضح طور بيان ڪرڻي پوندي ۽ فيصلو ڪرڻو پوندو تہ ڇا اوھان سهيل آفريدي واري مزاحمت چاهيو ٿا يا مفاهمت جو رستو گھرجي؟ پر اهو واضح هجڻ گهرجي تہ ظالم، جابر ۽ قابض سامهون مفاهمت نہ پر مزاحمت ئي ڪئي ويندي آهي۔
هن چيو تہ مان پي ٽي آءِ جي ووٽر يا سپورٽر ناهيان، پر منهنجي پي ٽي آءِ کان درخواست آهي تہ پنهنجي پاليسي واضح ڪري، جيڪڏھن اها مزاحمت لاءِ تيار آهي تہ اسين سڀ ان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهيون۔
هن وڌيڪ چيو تہ جڏھن منهنجي والدہ شيرين مزاري تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ وزير هئي، تڏھن مان پاڻ پي ٽي آءِ جي سخت مخالف هيس ۽ ان تي سخت تنقيد ڪندي ھئس، پر اڄ معاملو پي ٽي آءِ يا عمران خان جو نہ پر پاڪستان جي عوام ۽ ان جي مينڊيٽ جو آهي، ڪنهن کي بہ اهو حق ناهي تہ عوام جي مينڊيٽ تي ڌاڙو ھڻي۔
هن چيو تہ جيڪي ماڻهو ڪالهہ عمران خان تي تنقيد ڪندا هئا، اڄ اهي عمران خان جي حقن جي ڳالهہ ڪري رھيا آهن، ڇاڪاڻتہ اسين پنهنجي عوام جي حقن جي ڳالهہ ڪري رھيا آهيون، اڄ مان سميت پي ٽي آءِ تي تنقيد ڪندڙ ماڻهو اڊيالا جيل ٻاهران وڃي عمران خان جي ڀينرن سان گڏ بيهڻ لاءِ تيار آهيون، جن سان اڊيالا ٻاهران وحشياڻو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو، اسان سڀني کي گڏجي اهڙي رويي جي مذمت ڪرڻ گهرجي، پوءِ اهو ماهرنگ بلوچ هجي، عمران خان هجي يا علي وزير هجي، اسان سڀني کي هن رويي خلاف هڪ آواز ٿي روڊن تي نڪرڻ گهرجي۔
هن چيو تہ عدليہ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اهڙو ٿيو آهي جو هڪ غيرقانوني قدم ذريعي جسٽس طارق محمود جهانگيري کي هٽايو ويو، اسان کي خبر آهي تہ جسٽس سرفراز ڊوگر کي چيف جسٽس ڇو بڻايو ويو، مان ڪراچي بار ايسوسيئيشن، ڪراچي ۽ لاهور جي وڪيلن کي خراجِ تحسين پيش ڪريان ٿي، جيڪي اڄ بہ آئيني ترميمن خلاف سراپا احتجاج آهن، اسلام آباد جي صحافين کي بہ ٻاهر نڪرڻ گهرجي۔
هن چيو تہ هاڻي صحافي جو سوال ڪرڻ بہ ڏوھہ بڻجي چڪو آهي، تنقيد ڪرڻ ۽ سچ ڳالهائڻ هن ملڪ ۾ ڏوھ بڻجي ويو آهي۽ اوھان کي سچ ڳالهائڻ تي گرفتار ڪري سڄي ملڪ جو سير ڪرايو ويندو.
ڳالھيون ڪرڻيون آھن يا مزاحمت، اھو اختيار محمود اچڪزئي ۽ راجا ناصر جو آھي: بئريسٽر گوھر
پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوھر چيو تہ اسان پنهنجي تحريڪ جو نالو تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان رکيو، حالتن جو اندازو هجي ها تہ ان کي تحريڪ بحالي آئين پاڪستان رکون ها، 3 سال اڳ حڪومت اقتدار ۾ آيل حڪومت وٽ سادي اڪثريت بہ نہ هئي، اسان جو مينڊيٽ ڦريو ويو، عدليہ ڪمپرومائز ٿي، 26هين ترميم آئي، 42 باءِ اليڪشنن ۾ پي ٽي آءِ رڳو ٻہ سيٽون کٽيون، جڏھن تہ باقي سڀ سيٽون اسان کان کسيون ويون، 78 مخصوص سيٽون بہ اسان کان کسيو ويون، اسين اميد ڪندا رھياسين تہ شايد حالتون بهتر ٿينديون، پر ايئن نہ ٿيو۔
هن چيو تہ سپريم ڪورٽ جي جسٽس اعجاز الاحسن چيو ويو تہ 12 وڳي کان اڳ گهر هليا وڃو، جيڪڏھن هو گهر نہ وڃي ھا تہ اڄ چيف جسٽس هجي ها، اڄ جسٽس جهانگيري سان بہ ساڳيو ورتاءُ ڪيو ويو، اوھان چيو تہ ڊگري جعلي آهي، هاڻي هو وڪالت بہ نہ ڪري سگھندو ۔
بيرسٽر گوھر چيو تہ هي ملڪ 70 سالن کان مسئلن ۾ گھڙيل رھيو آهي، هن وقت ملڪي حالتون سڀني جي سامهون آهن، منهنجي هڪ تجويز آهي تہ هن ملڪ جو سڀ کان مقبول اڳواڻ باني پي ٽي آءِ آهي. هڪ حڪومتي ايم اين اي مون سان گڏ ويٺو ھن پنجابي ۾ ڳالهائيندي ٻڌايو تہ مان اليڪشن هارائي سمھي پيو ھئس، پر ٻئي ڏينهن مون کي ڪامياب قرار ڏنو ويو، هري پور جي اليڪشن اسين کٽي چڪا هئاسين۔
هن چيو تہ اسين عدالت، آئين ۽ قانون جا رستا ڳولھيون ٿا، هڪ پاسي عوام آهي ۽ ٻي پاسي طاقت، ان جو مقابلو ڪيئن ڪجي؟ اسان جا 5 هزار ڪارڪن جيلن ۾ بند آهن، اڄ وري اسان جي اڳواڻ کي سزا ٻڌائي وئي آهي، عوام اڄ ٻيهر تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان هلائڻ لاءِ تيار آهي، ماڻهن کي 140 سالن تائين جون سزائون ٻڌايون ويون آهن۔
هن چيو تہ مان اهو آخري ماڻهو هوندس جيڪو چوندس تہ ڳالھيون نہ ٿيڻ گھرجن، مون عمران خان کان ڳالھين جي اجازت ورتي، عمران خان محمود خان اچڪزئي ۽ راجہ ناصر عباس کي ذميواري ڏني آهي، باني پي ٽي آءِ ۽ 3 ڪروڙ ووٽر اوھان ٻنهي جي پويان بيٺل آهن، ڳالھيون ڪرڻيون آهن يا مزاحمت، اهو اختيار محمود اچڪزئي ۽ راجہ ناصر جو آهي۔
بيرسٽر گوھر وڌيڪ چيو تہ جيڪڏهن مولانا فضل الرحمان کي اسان جي مينڊيٽ تي اعتراض آهي تہ اسين ٻڌڻ لاءِ تيار آهيون، اسين ويهڻ لاءِ بہ تيار آهيون، ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيون، هڪٻئي کي خطرو نہ سمجهو ۽ هڪٻئي کي گاريون نہ ڏيو۔
ڪو سوچي ٿو تہ اڄ سندس حڪومت آهي ۽ هو سڀاڻي بچي ويندو؟ ايئن هرگز نہ ٿيندو، سهيل آفريدي
خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو تہ اڄ منهنجي ليڊر بابت ناانصافي تي ٻڌل فيصلو آيو آهي، هتي 26هين ۽ 27هين ترميم جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو، پر اسان کي 26هين ترميم کان اڳ بہ انصاف نہ مليو هو، 26هين ترميم کان اڳ بہ ادارا ۽ جمهوري نظام مفلوج ھو، باني پي ٽي آءِ ان لاءِ بائيوميٽرڪ ذريعي چونڊون ڪرائڻ پيو چاھي، اسان جون عدالتون رڳو فيصلا ڪري رھيون آهن، انصاف نٿيون ڏين، ڪو اهو سوچي تہ اڄ سندس حڪومت آهي تہ هو سڀاڻي بچي ويندو؟ ايئن هرگز نہ ٿيندو۔
هن چيو تہ عمران خان ۽ سندس گهرواري بيگناهہ آهن، انهن خلاف جعلي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، سياسي جماعتن کي سياسي جماعت ئي رھڻ گهرجي، ڪنهن جو ھٿيار نہ بڻجڻ گهرجي، سياسي ماڻهن خلاف غلط روايتون قائم ڪيون پيون وڃن، هي جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ جي جنگ آهي۔
اڻ اعلانيل نہ پر اعلانيل مارشل لا لڳل آھي جيڪا بلڪل ضياءُ دور جيان آھي، مطيع اللھ جان
سينئر صحافي مطيع الله جان چيو تہ اڻ اعلانيل نہ پر اعلانيل مارشل لا لاڳو آهي، ميڊيا، عدالتن ۽ حڪومت کي جنهن نموني هلايو پيو وڃي، ان کان وڏو اعلان ٻيو ڇا ٿي سگهي ٿو؟ جنهن طريقي سان انهن کي ڪنٽرول ڪيو پيو وڃي، هاڻي ڪنهن اعلان جي ضرورت ناھي رھي، هي بلڪل اھا ئي مارشل لا آهي جيڪا ضياءُ دور ۾ لاڳو ھئي۔
شهرن، گهٽين، چوڪن، پريس ڪلبن سميت هر هنڌ مزاحمت جي ضرورت آهي، سينيٽر مشتاق
اڳوڻي سينيٽر مشتاق چيو تہ شهرن، گهٽين، چوڪن، پريس ڪلبن، هر جاءِ تي مزاحمت جي ضرورت آهي، اسان جي اسٽيبلشمينٽ ماضي مان سبق ناهي سکيو، پڇان ٿو تہ صحافي جيلن ۾ ڇو آهن؟اڄ اختلاف ڪندڙ آوازن جو ڳلو دٻايو پيو وڃي، صوبن کي اين ايف سي بہ نٿو ڏنو وڃي۔
تقريب ۾ ٻين اڳواڻن ۽ وڪيلن پڻ خطاب ڪيو ۽ مفاهمت بدران مزاحمت جو رستو اختيار ڪرڻ تي زور ڏنو۔
اڄ اسان تي پيڪا ايڪٽ لاڳو آهي ۽ اهو بہ هن ئي حڪومت جي ايوانن مان آيو، حبيب اڪرم
سينئر صحافي حبيب اڪرم چيو تہ صحافت تي پابنديون لڳل آهن، اڄ اسان تي پيڪا ايڪٽ لاڳو آهي ۽ هي ايڪٽ بہ هن ئي حڪومت جي ايوانن مان آيو آهي، هر هنڌ ورڇ پيدا ڪئي وئي آهي، ادارن ۽ سياستدانن جي وچ ۾ خال ايترو وڌي چڪو آهي جو ان کي گهٽ ڪرڻ وارا ماڻهو موجود ناهن، اسان کي اهو طئي ڪرڻو پوندو تہ ڇا واقعي اسان وٽ ڪو رستو بچيو آهي؟ يا اسان کي وڙھڻو پوندو؟ ڇا ملڪ ويڙھ جو بار کڻي سگهندو؟
توشا خانا ڪنھن جي هٿ ۾ آهي؟ اھا سڀني کي خبر آهي، محسن داوڙ
سينيٽر محسن داوڙ چيو تهہ اسين 78 سالن کان هڪ ئي دائري ۾ گھمي رھيا آھيون، عمران خان خلاف سزا ڪا نئين ڳالهہ ناهي، اهڙا فيصلا اسان اڳ بہ ڏٺا آهن، توشا خانا ڪنھن جي هٿ ۾ آهي؟ اھا سڀني کي خبر آهي، ان ۾ ڪا نئين ڳالهہ ناهي، رڳو متاثر ڌر تبديل ٿيندي رھندي آھي ۔…..