ڪراچي : وڏي وزير مراد علي شاهہ چيو آهي تہ صوبائي حڪومت ڀتي خوري ۽ منظم ڏوھن خلاف هڪ ڀيرو ٻيهر ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو آھي يقين آهي تہ ماضي جيان هن ناسور جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو.
سنڌ اسيمبلي ٻاھران ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو تہ هڪ ڏينهن اڳ شهر ۾ امن امان جي صورتحال، خاص طور تي ڀتي خوري جي واقعن بابت تفصيلي اجلاس جي صدارت ڪئي.
هن چيو تہ ڪاروباري برادري جي نمائندن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي هاڻوڪن قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي.
وڏي وزير چيو ڪاروباري برادري پاران اها ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي تہ جڏھن هڪ ڏوھاري ختم ٿئي ٿو تہ ٻيو سامهون اچي وڃي ٿو پر هن چيلينج کي مسلسل ۽ انٽيليجنس بنيادن تي ڪاررواين ذريعي منهن ڏنو پيو وڃي
مراد علي شاهہ زور ڏنو تہ ڪارروائي رڳو ملڪ اندر سرگرم ڏوھارين تائين محدود نہ هجڻ گهرجي پر ٻاهرين ملڪن ۾ ويٺل سهولتڪارن ۽ هينڊلرن خلاف بہ سخت قدم کنيا وڃن، ان حوالي سان سنڌحڪومت وفاقي حڪومت کي باضابطہ خط لکيو آهي.
هن وڌيڪ چيو وفاقي حڪومت جواب ۾ ٻڌايو آهي تہ ٻاهرين ملڪن مان ڀتا خوري ۽ دهشتگردي جي سهولت فراهم ڪندڙ ڪيترن ماڻهن خلاف ريڊ وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن.
وڏي وزير ياد ڏياريو تہ ماضي ۾ پوليس، رينجرز ۽ انٽيليجنس ادارن جي گڏيل ڪوششن سان ڀتا خوري تي ڪاميابي سان ضابطو آندو ويو هو ۽ هن ڀيري بہ ساڳيا نتيجا حاصل ٿيندا.
وڏي وزير واپارين، صنعتڪارن ۽ شهرين کي يقين ڏياريو تہ امن امان جي بحالي ۽ محفوظ ڪاروباري ماحول فراهم ڪرڻ سنڌحڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ رياست جي رٽ کي چيلينج ڪرڻ جي ڪنهن کي بہ اجازت نه ڏني ويندي….