نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چناب درياھ جي وھڪرن ۾ لاٿ کانپوءِ ڀارت پاران پاڻي کي ھٿيار بڻائڻ واري پاليسي تي سخت ڳڻتي جو اظھار ڪيو آھي.
اسلام آباد ۾ غيرملڪي سفارتڪارن کي خطاب ڪندي نائب وزيراعظم ٻڌايو تہ ڀارت اپريل 2025 ۾ سنڌ طاس معاهدو ھڪ طرفي طور معطل ڪيو ۽ معاھدي تحت پاڪستان کي مهيا ڪيل ضروري ڄاڻ ۽ ڊيٽا روڪي ڇڏيو ويو۔
اسحاق ڊار چيو تہ ڀارت پاران تڪرارن جي حل لاءِ طئي ٿيل طريقيڪار کان پاسو ڪرڻ عالمي قانونن ۽ بين الاقوامي ذميوارين جي کليل ڀڃڪڙي برابر آهي۔
هن ٻڌايو تہ ڀارتي گهرو وزير کلي عام معاهدو بحال نہ ڪرڻ ۽ پاڻي جو رخ موڙڻ بابت بيان ڏئي چڪو آھي، جنهن سبب پاڪستان جي زراعت کي شديد خطرا پيدا ٿي ويا آھن ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام کي سنگين خدشا آھن.
نائب وزيراعظم چيو تہ پاڪستان هن معاملي کي ڪيترائي ڀيرا گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ اٿاري چڪو آهي، جڏھن تہ انڊس واٽر ڪميشن ذريعي باضابطہ سفارتي ۽ قانوني رستو پڻ اختيار ڪيو ويو آهي۔
هن واضح ڪيو تہ سنڌ طاس معاهدو ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام جو هڪ اهم ٿنڀ آهي، جنهن کي ڪمزور ڪرڻ جون ڪوششون پوري خطي کي عدم استحڪام ۾ مبتلا ڪري سگهن ٿيون۔
اسحاق ڊار ٻڌايو تہ هلندڙ سال چناب درياءِ جي وھڪرن ۾ ٻہ ڀيرا غيرمعمولي تبديليون رڪارڊ ڪيون ويون، 20 اپريل کان 21 مئي ۽ 7 کان 15 ڊسمبر دوران پاڻي جي وھڪرن ۾ لاٿ ۽ چاڙهہ ٿي، جڏھن تہ ڀارت اطلاع کانسواءِ چناب درياءِ ۾ پاڻي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان کي ٻوڏ جهڙن خطرن کي منهن ڏيڻو پيو.
هن چيو تہ ڀارت جون اهي ڪارروايون عالمي قانون ۽ ويانا ڪنوينشن جي آرٽيڪل 26 جي ڀڃڪڙي آهن ۽ ڀارت منظم نموني سان سنڌ طاس معاهدي کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آهي، هن ڪشن گنگا ۽ رتلي جهڙن منصوبن کي بہ معاهدي جي فني شرطن جي ابتڙ قرار ڏنو۔
نائب وزيراعظم عالمي برادري تي زور ڏنو تہ هو ڀارتي قدمن جو نوٽيس وٺن، ڇو تہ اهي رڳو پاڪستان لاءِ نہ پر پوري خطي جي امن، استحڪام ۽ انساني سلامتي لاءِ بہ خطرو بڻجي چڪيون آھن……