اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جسٽس طارق محمود جھانگيري جي مقرري کي غيرقانوني قرار ڏيندي کيس عھدي تان ھٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي.
اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس اعظم خان تي ٻڌل بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ڪراچي يونيورسٽي جو رجسٽرار عدالت ۾ پيش ٿيو، جڏھن تہ جسٽس طارق محمود جھانگيري عدالت ۾ پيش نہ ٿيو.
ٻڌڻي دوران ڪراچي يونيورسٽي جي رجسٽرار ڊگري بابت رڪارڊ پيش ڪيو، جسٽس طارق جھانگيري جي وڪيل بئريسٽر صلاح الدين چيو تہ عدالت وٽ طارق جھانگيري جون 3 درخواستون آھن، پھريان اھي ٻڌيون وڃن.
ايڊووڪيٽ ميان دائود چيو تہ هو بہ قسم کڻي چوي ٿو تہ طارق محمود جهانگيري جا انرولمينٽ فارم جعلي هئا، جيڪڏھن هو سچو آھي تہ ايل ايل بي پارٽ ون ۽ پارٽ ٽو جون مارڪس شيٽون پيش ڪري.
ٻڌڻي دوران ڪراچي يونيورسٽي جي رجسٽرار عدالت کي ٻڌايو تہ يونيورسٽي حتمي طور طارق جهانگيري جي ڊگري رد ڪري ڇڏي آهي، اسلامہ لا ڪاليج جي پرنسپل چيو تہ طارق محمود جهانگيري انهن جو شاگرد نہ هو.
عدالت کي ٻڌايو ويو تہ طارق جهانگيري کي ڪاپي ڪندي پڪڙيو ويو، جنهن تان ان تي ڪميٽي ٽن سالن لاءِ پابندي لڳائي، ڪميٽي ڪاپي ڪرڻ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ تي طارق جهانگيري تي ٽن سالن لاءِ پابندي لڳائي، طارق جھانگيري 1992 ۾ ٻيھر امتحان ڏيڻ جي اھل ھو، پابندي خلاف طارق محمود ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ جعلي انرولمنٽ فارم استعمال ڪيا.
ڪراچي يونيورسٽي جي رجسٽرار عدالت کي ٻڌايو تہ لاڳاپيل اختيارين جي تصديق کانپوءِ يونيورسٽي سنڊيڪيٽ فائنڊنگز جي بنياد تي طارق جهانگيري جي ڊگري رد ڪرڻ جو باضابطا اعلان ڪيو.
چيف جسٽس جي سوال تي رجسٽرار واضح ڪيو تہ ڪراچي يونيورسٽي حتمي طور ڊگري ڪينسل ڪري ڇڏي آهي.
ڪراچي يونيورسٽي جي رجسٽرار جي بيان دوران اڪرم شيخ وچ ۾ ڳالهائيندي چيو تہ سندس درخواستن تي فيصلو ڪرڻ کانسواءِ عدالت رڪارڊ نٿي ڏسي سگھي.
عدالت دليل مڪمل ٿيڻ بعد ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو، جيڪو بعد ۾ ٻڌائيندي طارق جهانگيري کي جج جي عهدي لاءِ نااهل قرار ڏنو.
عدالت پنھنجي فيصلي ۾ جسٽس طارق محمود جھانگيري کي عھدي تان ھٽائڻ جو حڪم ڏنو، عدالت چيو تہ قانون واري وزارت کي ھدايت ڏني وڃي ٿي تہ جسٽس طارق جھانگيري کي جج طور ڊي نوٽيفاءِ ڪيو وڃي.
اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ قرار ڏنو تہ جسٽس طارق جھانگيري اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جو جج بڻجڻ جي اھل نہ ھو، سمورين ڌرين جون درخواستون اڪلايون وڃن ٿيون.
جعلي ڊگري جو معاملو ڪڏھن منظر تي آيو؟
گذريل سال 10 جولاءِ تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ وڪيل ميان دائود هڪ درخواست داخل ڪئي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو تہ جسٽس طارق محمود جهانگيري جي ايل ايل بي ڊگري بابت اھڙي ڄاڻ ملي آھي، جن جي بنياد تي کيس شڪ آهي تہ جج جي قانون جي ڊگري جعلي آهي، تنهنڪري هن معاملي جي جاچ ڪرائي وڃي۔
ان درخواست تي رجسٽرار آفيس پاران اعتراض لڳايو ويو ۽ 11 جولاءِ تي ان وقت جي چيف جسٽس عامر فاروق اعتراضن جي ٻڌڻي ڪندي فيصلو محفوظ ڪيو، بعد ۾ اھو فيصلو نہ ٻڌايو ويو ۽ جسٽس عامر فاروق کي سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ڪيو ويو، ان کانپوءِ اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار ھي معاملو موجودہ چيف جسٽس سرفراز ڊوگر ڏانھن اماڻيو.
جسٽس جهانگيري جي جعلي ڊگري بابت ڪجهہ وڪيلن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي، جنهن تي سنڌ هاءِ ڪورٽ اسٽي آرڊر جاري ڪيو ھو، ان کانپوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي قيادت پڻ هن ڪيس ۾ ڌر بڻجي وئي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران جاري ڪيل اسٽي برقرار هو تہ 22 سيپٽمبر تي سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران هڪ درخواست داخل ڪئي وئي، جنهن ۾ چيو ويو تہ جج صاحب جي ڊگري سبب اداري جي ساک کي نقصان آهي، تنهنڪري اسٽي ۾ نہ رڳو کين ڌر بڻايو وڃي پر ان معاملي کي جلد کان جلد ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو وڃي.
سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ پھرين ھي درخواست 30 سيپٽمبر ۽ پوءِ ان ٻڌڻي جي تاريخ 25 سيپٽمبر تي مقرر ڪئي وئي، جسٽس طارق محمود جهانگيري پنهنجي ساٿي جج جسٽس ثمن رفعت سان گڏ ان درخواست جي ٻڌڻي لاءِ اسلام آباد کان ڪراچي آيو ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس ڪي ڪي آغا جي سربراهي ۾ قائم ٻہ رڪني آئيني بينچ ۾ ڌر بڻجڻ جي استدعا ڪئي، ھن موقف اختيار ڪيو تہ معاملو سڌو سنئون سندس ڊگري سان لاڳاپيل آهي، تنهنڪري کيس ٻڌو وڃي، عدالت اهو چئي جسٽس جهانگيري جي درخواست رد ڪري ڇڏي تہ پهرين درخواست ٻڌڻ جوڳي ھجڻ يا نہ ھجڻ بابت فيصلو ڪيو ويندو ۽ جيڪڏھن درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏني وئي تہ پوءِ سندس موقف ٻڌو ويندو، ان تي جسٽس جھانگيري ۽ ڪمري ۾ موجود وڪيلن احتجاج بہ ڪيو ۽ عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪيو.
بعد ۾ عدالت درخواست پيروي نہ ٿيڻ جي بنياد تي خارج ڪري ڇڏي
سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران درخواست خارج ٿيڻ کانپوءِ ڪراچي يونيورسٽي ڄاڻايل جج جي ڊگري بابت ھڪ پريس ريليز جاري ڪئي جنھن ۾ چيو ويو آھي تہ آگسٽ 2024 ۾ سنڊيڪيٽ جي اجلاس ۾ طارق محمود جھانگيري جي ايل ايل بي انرولمنٽ نمبر 87/7124 ۽ سيٽ نمبر 22857کي رد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، پريس ريليز ۾ چيو ويو تہ ڄاڻايل جج تي ڪنھن بہ لا ڪاليج ۾ داخلا ۽ يونيورسٽي جي ڪنھن بہ امتحان ۾ ويھڻ لاءِ 3 سال پابندي ھئي
ڪراچي يونيورسٽي پاران جاري ڪيل پريس ريليز ۾ دعويٰ ڪئي وئي تہ جسٽس جھانگيري ڪڏھن بہ اسلاميہ لا ڪاليج جو شاگرد ناھي رھيو.
جسٽس طارق محمود جھانگيري ڪير آھي؟
جسٽس طارق محمود جهانگيري کي تحريڪ انصاف جي حڪومتي دور ۾ 28 ڊسمبر 2020ع تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ڪيو ويو، ان وقت اعليٰ عدليہ ۾ ججز جي مقرري لاءِ قائم ڪيل جوڊيشل ڪميشن جو سربراهہ سپريم ڪورٽ جو ان وقت جو چيف جسٽس، جسٽس گلزار احمد هو۔
جسٽس جهانگيري جي پروفائل موجب، هن ڪراچي يونيورسٽي جي اسلاميہ لا ڪاليج مان ايل ايل بي ڊگري حاصل ڪئي هئي.
هن ن ليگ جي دور ۾ اسلام آباد جي ايڊووڪيٽ جنرل جا فرض بہ انجام ڏنا ۽ ان کانسواءِ پيپلز پارٽي جي دور ۾ ڊپٽي اٽارني جنرل طور بہ ڪم ڪيو۔
طارق محمود جهانگيري کي فوجداري معاملن ۾ مهارت حاصل آهي، هو اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جوايل اين جي ريفرنس ۾ سندس وڪيل بہ رھيوآھي
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو جج بڻجڻ کانپوءِ جسٽس طارق محمود جهانگيري انهي ٽہ رڪني بينچ جي سربراهي پڻ ڪئي جنهن ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي مبينہ ڌيءُ ٽيريان بابت لاڳاپيل داخل ڪيل درخواست خارج ڪئي ھئي، ان کان اڳ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ان درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو هو، جيڪو نہ ٻڌايو ويو ۽ بعد ۾ اها درخواست ٻيهر ري لسٽ ڪئي وئي.
جسٽس جهانگيري ان وقت ميڊيا ۾ خبرن جي زينت بڻيو جڏھن 2023ع ۾ ھن اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي انهن ڪيس ۾ بہ بلينڪٽ پروٽيڪشن ڏئي پوليس کي گرفتاري کان روڪيو، جيڪي ان وقت عمران خان خلاف داخل بہ نہ ٿيا ھئا.
ان بابت وڪيل برادري ۾ اهو تاثر ڏنو ويو تہ هو اعليٰ عدليہ جي انهن ججز ۾ شامل آهن جيڪي سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج منصور علي شاهہ جي موقف کي درست تسليم ڪن ٿا.
جسٽس طارق محمود جهانگيري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي انهن ججن ۾ پڻ شامل آهن، جن مارچ 2024ع ۾ فوج جي ڳجھن ادارن پاران عدالتي معاملن ۾ مداخلت بابت ان وقت جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي خط لکيا ھئا، انهن ججز پاران لکيل خطن ۾ چيو ويو تہ ڳجھي ادارن پاران مبينا طور نہ رڳو عدالتي معاملن ۾ مداخلت ڪئي پئي وڃي، پر انهن جي ذاتي زندگي ۾ پڻ مداخلت ڪئي پئي وڃي.
جڏھن ڳجھن ادارن پاران مبينا طور عدالتي معاملن ۾ مداخلت، لاهور، سنڌ ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽس جا ججز اسلام آباد منتقل ڪرڻ جو سرڪاري فيصلو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججز پاران سپريم ڪورٽ ۾ چيلنج ڪيو ويو، تڏھن کان جسٽس جهانگيري کي ڪنهن اهم ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ بينچ جو حصو نہ بڻايو ويو آهي.