ٽرانسپورٽ کاتي جعلي فٽنس سرٽيفڪيٽ استعمال ڪندڙ گاڏين خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي

فہرستِ مضامین

ڪراچي: سنڌ حڪومت جي ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري کاتي سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي حڪمن جي روشني ۾ جعلي فٽنس سرٽيفڪيٽ استعمال ڪندڙ گاڏين خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آھي.

سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پي ٽي اي سيڪريٽري کي جعلي فٽنس سرٽيفڪيٽس استعمال ڪرڻ وارين سمورين گاڏين جا روٽ پرمٽس رد ڪرڻ، جعلي فٽنس سرٽيفڪيٽس جو رڪارڊ کاتي جي لائيو پورٽل تي اپڊيٽ ڪرڻ، قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ ۽ ڪارروائي جي رپورٽ ٽن ڏينھن اندر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي.

سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ ڪيترائي ٽرانسپورٽ پنھنجن گاڏين جي فزيڪل معائني کان بچڻ لاءِ ايجنٽس ذريعي جعلي سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري رھيا ھُئا، جعلي فٽنس سرٽيفڪيٽس نھ رڳو قانون جي سنگين ڀڃڪڙي پر عوامي تحفظ جي لاءِ بھ وڏو خطرو آھي.

ھن چيو تھ عوام جي جان ۽ مال سان کيڏڻ جي ڪنھن کي بھ اجازت نھ ڏني ويندي، جعلي فٽنيس سرٽيفڪيٽس جو استعمال نھ رڳو قانون جي ڀڃڪڙي پر سنگين ڏوھھ آھي.

سندس وڌيڪ چوڻ ھو تھ سنڌ حڪومت ٽرانسپورٽ نظام کي محفوظ، شفاف ۽ قانون موجب بڻائڻ لاءِ پرعزم آھي، جيڪو بھ ھن غير قانوني عمل ۾ ملوث ھوندو، ڀلي اھو ٽرانسپورٽر ھُجي يا وري ڪو ايجنٽ، اُن خلاف بنا ڪنھن فرق جي ڪارروائي ڪئي ويندي…

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں