مڪاني ادارن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ آئين ۾ ترميم بابت پ پ ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ ڪميٽي قائم ڪرڻ تي اتفاق

فہرستِ مضامین

ڪراچي : سنڌ اسيمبلي ۾ مڪاني ادارن کي بااختيار بڻائڻ  لاءِ آئين جي آرٽيڪل 140 اي ۾ ترميم آڻڻ بابت ايم ڪيو ايم ۽ پيپلزپارٽي وچ ۾ پارلياماني ڪيمٽي قائم ڪرڻ  تي اتفاق ٿي ويو  آھي، اجلاس دوران  پاڪ فوج جو ساٿ ڏيندڙ بنگلاديشي بھارين کي سلام پيش بابت ٺھراءُ بہ پاس ڪيو ويو .

اسپيڪر سيد اويس قادر شاھ جي صدارت ھيٺ ٿيل سنڌ اسميبلي جي اجلاس دوران متحدہ ايم پي اي اعجاز الحق بنگلاديش جي ورھاڱي وقت پاڪ فوج جو ساٿ ڏيندڙ بنگلاديشي بھارين کي سلام پيش ڪرڻ وارو ٺھراءُ  پيش ڪيو، پارلياماني معاملن واري وزير ضياءُ الحسن لنجار ٺھراءُ جي حمايت ڪئي جنھن کان پوءِ ايوان مان گڏيل طور تي ٺھراءُ پاس ڪيو ويو.

ٺھراءُ تي تقرير دوران اعجاز الحق جي تڪراري جملن تي صوبائي گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار اعتراض ڪندي چيو تہ تقرير کي ٺھراءُ جي متن تائين محدود  رکيو وڃي جنھن تي اسپيڪر سيد اويس قادر شاھ اعجازالحق جي تقرير مان اضافي جملا حذف ڪرائي ڇڏيا .

متحدہ ايم پي اي قرت العين ڪراچي ۾ فائربرگيڊ جي سروس بھتر ڪرڻ بابت ٺھراءُ پيش ڪيو جيڪو پڻ گڏيل طور تي پاس ڪيو ويو، قرت العين خطاب ڪندي چيو تہ ڪراچي ۾ ھن وقت 20 فائر اسٽيشنز ۽ رڳو 36 گاڏيون آھن، شھر ۾ گھٽ ۾ گھٽ  2 سئو فائر اسٽيشنز ھئڻ گھرجن، سندس چوڻ ھو تہ ٺھراءُ تہ پاس ڪيو ويو آھي پر حڪومت کي ان تي عمل بہ ڪرائڻ گھرجي .

متحدہ ايم پي اي طحہ احمد آئين جي آرٽيڪل 140 اي ۾ ترميم ڪرڻ بابت پيش ڪيل ٺھراءُ جي مڪاني کاتي جي وزير سيد ناصر حسين شاھھ ۽ پارلياماني معاملن جي وزير ضياءُ الحسن لنجار مخالفت ڪندي معاملي تي گڏيل ڪيمٽي جوڙڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ ٺھراءُ جي مخالفت ۾ ڳالھائيندي چيو تہ ھن وقت پوري ملڪ جي ڀيٽ ۾ مضبوط  مڪاني ڪائونلسز رڳو سنڌ ۾ آھن، جن کي اختيارڏيڻ سان گڏو گڏ انھن جي فنڊز ۾ بہ اضافو ڪيو ويو آھي .

صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو تہ آئين جي آرٽيڪل 140 اي بابت سپريم ڪورٽ جا فيصلا موجود آھن، اھو قانون صوبائي حڪومتون پاڻ ٺاھينديون آھن، سندس چوڻ ھو تہ ڪراچي جي ميئر سميت پوري صوبي ۾ پيپلزپارٽي جا چيئرمين آھن اھو تاثر غلط آھي تہ پيپلزپارٽي لوڪل ڪائونلسز کي مضبوط نہ ڪري رھي آھي.

سيدناصر حسين شاھ چيو تہ ايم ڪيو ايم وارا اسان جا ڀاءُ آھن پر ھنن مڪاني چونڊن جو بائيڪاٽ بہ پاڻ ڪيو ھو، سندس چوڻ ھو تہ سنڌ ۾ پي ايف سي ٺھيل آھي جنوري مھيني ۾ ان جو اجلاس بہ ٿيندو، رڳو پوائنٽ اسڪورنگ لاءِ اھڙيون ڳالھيون نہ ڪيون وڃن ، ڪميٽي قائم ڪرڻ واري راءِ اچڻ کان پوءِ ايم ڪيو ايم جي ميمبر طحہ احمد پنھنجي ٺھراءُ واپس ورتو

ان کان اڳ سماجي ڀلائي واري کاتي جي صوبائي وزير مير طارق ٽالپر مختلف ميمبرن جي پڇيل سوالن جا جواب ڏيندي چيو تہ سنڌ حڪومت نادرا سان معاھدو ڪيو آھي تہ پنج لک بزرگ شھرين کي سينئر سٽيززن ڪارڊ ڏنا ويندا جنھن لاءِ ھن وقت تائين 70 ھزار کان وڌيڪ درخواستون مليون آھن، سندس چوڻ ھو تہ پھرين مرحلي ۾ 2 لک کان وڌيڪ ماڻھن کي سينيئر سٽيزن ڪارڊ ڏنا ويندا .

ھن ايم ڪيو ايم جي ميمبرن جي پڇيل سوالن جا وڌيڪ جواب ڏيندي ايوان کي ٻڌايو تہ سنڌ حڪومت سينئر سٽيزن ڪارڊ تحت 60 سالن کان وڌيڪ عمر جي ماڻھن کي ھر مھيني 10 ھزار رپيا ڏيندي ۽ ان  کانسواءِ ريلوي ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ رعايت ڏني ويندي، جڏھن تہ سرڪاري اسپتالن۾ علاج ۽ مفت دوائون پڻ مھيا ڪيون وينديون.

صوبائي وزير مير طارق ٽالپر جو چوڻ ھو تہ مقامي ڪائونلسز سينئر سٽيزن جي فوت ٿيڻ جي صورت ۾ انھن جي تدفين جو خرچ پڻ برداشت ڪنديون…

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں