ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهہ جي صدارت ۾ صوبائي ڪابينا اجلاس ۾ ٽرانسپورٽ، پوليسنگ، ڪڻڪ جي اگھ ۾ رعايت، ٿر ڪوئلي سان لاڳاپيل رابطي وارا منصوبا، آڊٽ ۾ سڌارا، سماجي تحفظ ۽ شهر ۾ آئي ٽي ٽاور جي قيام سميت هڪ جامع مالي ۽ ترقياتي پيڪيج جي منظوري ڏني وئي.
وڏي وزير مراد علي شاھ جي صدارت ۾ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهہ، وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.
ڪابينا اجلاس ۾ مڪاني کاتي واري وزير ناصر حسين شاهہ سفارشون پيش ڪيون، جيڪي منظور ڪيون ويون.
ڪابينا بسن جي خريداري ۽ هلائڻ لاءِ 96 ڪروڙ 44 لک رپين، عوامي آگاهي لاءِ دستاويزي فلمن جي تياري لاءِ ھڪ ارب رپيا جڏھن تہ سنڌ پوليس جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ ھٿيارن جي خريداري لاءِ 5 ارب 84 ڪروڙ رپين جي منظوري ڏني.
ڪابينا آءِ ايم سي او اوور فورٽيز ٽي 20 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ لاءِ سهڪار، ٿرپارڪر ۾ ايس او ايس چلڊرنز وليج لاءِ گرانٽ، سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي هيٺ پروجيڪٽ امپليمينٽيشن يونٽ جي قيام، نون قائم ٿيل ڪاليجن ۾ نوڪريون پيدا ڪرڻ، جيل کاتي لاءِ گاڏين جي خريداري ۽ 10ھون ادب فيسٽيول لاءِ بہ فنڊز جي منظوري ڏني.
ان کانسواءِ ڪابينا ملير ۾ پاڻي جي فراهمي لاءِ هنگامي اسڪيمن، ڪورنگي ڪاز وي تي اضافي ريمپ جي تعمير، صدر ۾ واقع سرڪاري گرلز اسڪول جي مرمت ، سنڌ اسيمبلي ۾ ڏکڻ اوڀر ايشيا ريجنل ڪانفرنس جي لاءِ 200 ملين رپين جي منظوري ڏني وئي، وڏي وزير کاتن کي هدايت ڪئي تہ فنڊز جو وقت سر ۽ صحيح استعمال يقيني بڻايو وڃي.
سنڌ ڪابينا ڪڻڪ جي جاري پاليسي 2025-26 ۾ نظرثاني جي منظوري ڏني جنهن تحت سرڪاري ڪڻڪ فلور ملن، چڪين ۽ واپارين کي 100 ڪلو گرام جي ٻوري 9500 بدران 8 ھزار رپين جي حساب سان مھيا ڪئي ويندي.
وڏي وزير چيو تہ ڪڻڪ جي اگھ ۾ رعايت ڏيڻ سان ڪڻڪ جو معيار بھتر رھندو،اسٽاڪ جي جاءِ خالي ٿيندي ۽ اٽو مناسب اگھ تي ملي سگھندو، جڏھن تہ ڪڻڪ جي قيمتن تي سخت نگراني لاءِ هڪ ڪميٽي قائم ڪئي وئي، جيڪا ضرورت پوڻ تي سرڪاري ڪڻڪ جي جاري خرچ ۾ وڌيڪ تبديلي بابت سفارشون ڪابينا کي پيش ڪندي.
سنڌ ڪابينا سنڌ پبلڪ فنانس ايڊمنسٽريشن ايڪٽ 2020 تحت آڊٽ جي ضابطي واري فريم ورڪ جي منظوري ڏني جنهن جو مقصد سرڪاري کاتن ۾ شفافيت ۽ حڪمراني کي مضبوط بڻائڻ آهي.
ڪابينا ناڻي کاتي ۾ چيف انٽرنل آڊٽ آفيسرن جي ڪيڊر جي قيام ۽ سڀني انتظامي کاتن جي سيڪريٽريٽ سائيڊ تي 45 چيف انٽرنل آڊٽ آفيسرن جي ڀرتين جي منظوري ڏني، جيڪي ڪانٽريڪٽ يا مارڪيٽ بيسڊ معاوضي تي هونديون ۽ناڻي کاتي جي انتظام ۾ ڪم ڪنديون.
سنڌ ڪابينا اسلام ڪوٽ کان ڇور تائين ريلوي لائين، بن قاسم کان پورٽ قاسم ڊبل ٽريڪ ۽ ڪوئلو اَن لوڊنگ سهولت واري منصوبي لاءِ صوبائي حڪومت جي حصي طور 6 ارب 60 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني،اجلاس ۾ اسلام ڪوٽ کان ڇور ۽ بن قاسم کان پورٽ قاسم تائين ريلوي لائن وڇائڻ واري رٿا تي بہ غور ڪيو ويو.
وڏي وزير چيو ته اها سنڌ حڪومت ۽ ريلوي واري وزارت جي گڏيل رٿا آهي، جنهن تحت اسلام ڪوٽ کان ڇور تائين 105 ڪلوميٽر ڊگهي ريلوي لائين ۽ بن قاسم کان پورٽ قاسم تائين 9 ڪلوميٽر ڊبل ٽريڪ ريلوي لائين تعمير ڪئي ويندي، هن رٿا وسيلي ٿر جو ڪوئلو ڪراچي سميت ملڪ جي ٻين علائقن تائين منتقل ڪيو ويندو.
ريلوي رٿا جي ڪل لاڳت 90 ارب رپيا آهي، جنهن ۾ سنڌ حڪومت ۽ ريلوي وزارت 50-50 سيڪڙو حصو ڏينديون، سنڌ ڪابينا ان رٿا لاءِ 6.6 ارب رپيا جاري ڪرڻ جي بہ منظوري ڏني.
ڪابينا سنڌ ڊيفائنڊ ڪنٽريبيوشن پينشن اسڪيم 2024 لاءِ پينشن فنڊ مينيجرز پاران تجويز ڪيل معاهدي جي منظوري ڏني، جيڪو پهرين جولاءِ 2024 يا ان کان پوءِ ڀرتي ٿيندڙ سڀني ملازمن تي لاڳو ٿيندو۔
هي معاهدو سنڌحڪومت پاران ناڻي کاتي وسيلي سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان ۾ رجسٽرڊ پينشن فنڊ مينيجرز سان ڪيو ويندو، جيڪو رضاڪاراڻا پينشن سسٽم رولز 2005 ۽ سنڌ ڊيفائنڊ ڪنٽريبيوشن پينشن اسڪيم رولز 2025 موجب هوندو۔
هن اسڪيم تحت پينشن فنڊ مينيجرز چار ذيلي فنڊز— مني مارڪيٽ، ڊيٽ، ايڪويٽي انڊيڪس ۽ ايڪويٽي — جو انتظام ڪندا، ان سان گڏ قدرتي موت يا معذوري جي صورت ۾ 10 لک رپيا ۽ حادثاتي موت جي صورت ۾ 20 لک رپين جي انشورنس فراهم ڪئي ويندي، جڏھن تہ رقم ۾ ساليانو 10 سيڪڙو اضافو پڻ شامل هوندو۔
ڪابينا جيلن لاءِ وائرليس ڪميونيڪيشن سسٽم جي خريداري جي تجويز قومي مفاد ۽ سيڪيورٽي خدشن جي بنياد تي منظور ڪري ورتي آهي، ٻڌايو ويو آهي تہ وڏي وزير جي منظوري سان 2025–26ع لاءِ هن مد ۾ 20 ڪروڙ رپيا اڳ ئي جاري ڪيا ويا آهن۔
سنڌ ڪابينا ڪراچي جي ايم اي جناح روڊ تي واقع محفوظ ڪيل تاريخي عمارت، حبيب انشورنس ڪمپني / حبيب بينڪ لميٽيڊ فارن ايڪسچينج بلڊنگ، کي سنڌ آئي ٽي ٽاور جي قيام لاءِ خريد ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني آهي۔
ڪابينا سنڌ سيف سٽيز اٿارٽي ايڪٽ 2019 ۾ ترميمون تجويز ڪري منظور ڪيون آهن، جن جو مقصد اٿارٽي جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ ۽ نگراني جي نظام کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ آهي۔
ترميمن ۾ “مينجمينٽ ڪميٽي” جي اصطلاح کي “ ايگزيڪيوٽو ڪميٽي” سان تبديل ڪرڻ، ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي جوڙجڪ ۽ اختيارن جي وضاحت، ايڪٽ جي دائري کي پوري سنڌ تائين وڌائڻ ۽ ايگزيڪيوٽو ڪميٽي، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر، کاتو ۽ حڪومت جهڙين اصطلاحن جي تعريفن کي اپڊيٽ ڪرڻ شامل آهي۔
تجويز ڪيل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ۾ انسپيڪٽر جنرل پوليس، ڊائريڪٽر جنرل سيف سٽيز اٿارٽي، ناڻو کاتو، اطلاعات کاتو، گهرو کاتي جا نمائندا، ڊپٽي ڪمشنرز، سپرنٽنڊنٽس آف پوليس، چيف آپريٽنگ آفيسر ۽ پروجيڪٽ ڊائريڪٽرز شامل هوندا، ڪابينا هن معاملي کي باقاعده قانون سازي لاءِ صوبائي اسيمبلي سنڌ ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت پڻ ڏئي ڇڏي آهي۔
ڪابينا سنڌ ريونيو بورڊ جي چيئرمين ڊاڪٽر واصف ميمڻ جي مدي ۾ ٻن سالن جي واڌ جي منظوري ڏني آهي، جيڪا سندن شاندار ڪارڪردگي ۽ ٽيڪس اوڳاڙين ۾ واضح بهتري جي اعتراف طور ڏني وئي آهي۔
ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ڊاڪٽر واصف ميمڻ جي دور ۾ ٽيڪس اوڳاڙي ۾ 140 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. فيصلي موجب ڊاڪٽر واصف ميمڻ جو مدو ڊسمبر 2025ع کان وڌائي ڊسمبر 2027ع تائين ڪيو ويو آهي۔
ڪابينا سنڌ هيومن رائٽس ڪميشن ۾ ٽن عدالتي ميمبرن جي مقرري جي پڻ منظوري ڏني آهي، جن ۾ اقبال حسين ميتلو، آنند رام ڊيسراني ۽ احمد لقمان ميمڻ شامل آهن۔
ڪابينا ايم-نائين کان اين-فائيو لنڪ روڊ منصوبي جي ڪنسيشن معاهدي ۾ ترميمن جي منظوري ڏني آهي. ان کانسواءِ، ڪابينا ايم-نائين انٽرچينج جي مڪمل ٿيڻ ۾ دير سبب پهرين جولاءِ 2024ع کان 30 جون 2025ع تائين جي عرصي لاءِ وائيبلٽي گيپ فنڊ مان ڪنسيشنائر کي 57 ڪروڙ 34 لک 20 هزار رپين جي ادائيگي جي پڻ منظوري ڏني آهي۔
ڪابينا سنڌ سوشل پروٽيڪشن اٿارٽي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر لاءِ 19هين گريڊ جي عرفان علي سوڍڙ جي مقرري جي منظوري پڻ ڏئي ڇڏي آهي۔…………