گھوٽڪي ويجھو ڌاڙيلن ھٿان اغوا ٿيل 18 مان 10 مسافرن کي بازياب ڪرايو ويو، ھڪ مسافر مبينا طور دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو.
مريد شاخ ويجھو گُڊو لنڪ روڊ تي رات دير سان ھٿياربندن صادق آباد کان ڪوئيٽا ويندڙ ڪوچ کي روڪڻ انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪئي.
ھٿياربندن فائرنگ ڪرڻ بعد ڪوچ مان 18 مسافرن کي اغوا ڪيو، واقعي جو اطلاع ملڻ بعد سنڌ ۽ پنجاب جي پوليس ۾ ٿرٿلو پئجي ويو.
پوليس موجب پنجاب ۽ سنڌ پوليس ڏوھارين جو پيڇو ڪيو، سونمياڻي وٽ مقابلي دوران 10 مسافرن کي بازياب ڪرايو ويو.
پوليس دعويٰ ڪئي تہ بازياب ٿيل مسافرن ۾ عُمير مجاھد، محمد وسيم، عبدالغني، شاھين اڪبر،ذوالفقار ۽ فيروز شامل آھن.
پوليس جو چوڻ آھي تہ اغوا ٿيل ھڪ مسافر ڪريم بخش دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو، جنھن جو واسطو بلوچستان سان ھو.
ھوڏانھن ڊي آءِ جي سکر فيصل عبداللہ چاچڙ جو چوڻ آھي تہ گھوٽڪي آپريشن ۾ ڪجھ ڌاڙيل زخمي ٿيا آھن، آپريشن جِي ايس ايس پي خيرپور، ايس ايس پي سکر ۽ ايس ايس پي گھوٽڪي نگراني ڪري رھيا آھن.
ڊي آءِ جي جو چون آھي تہ ڪچي ۾ ڪوھيڙي ۽ فصل ھئڻ سبب آپريشن ۾ ڏکيائيون پيش اچن پيون، رھجي ويل مسافرن کي جلد بازياب ڪرايو ويندو
اکين ڏٺن شاهدن موجب بس ۾ عورتن سميت 25 مسافر سوار هئا، ڌاڙيل عورتن کي ڇڏي 18 مردن کي پاڻ سان گڏ کڻي ويا، ڌاڙيلن فائرنگ بہ ڪئي، جنهن سبب بس جا شيشا ڀڄي ويا، مسافر بس صادق آباد کان ڪوئيٽا وڃي رھي هئي.